نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4320 | 42 | 48 | فإن أعرضوا فما أرسلناك عليهم حفيظا إن عليك إلا البلاغ وإنا إذا أذقنا الإنسان منا رحمة فرح بها وإن تصبهم سيئة بما قدمت أيديهم فإن الإنسان كفور |
| | | پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين ته توکي مٿن نگھبان ڪري نه موڪليو اٿون، توتي پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي لازم نه آھي، ۽ بيشڪ اسين جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ٻاجھ (جو مزو) چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان خُوش ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪا اوکائي سندن ھٿن جي اڳ ڪئي سببان کين پھچندي آھي ته بيشڪ ماڻھو بي شڪر (ٿيندو) آھي. |
|
4321 | 42 | 49 | لله ملك السماوات والأرض يخلق ما يشاء يهب لمن يشاء إناثا ويهب لمن يشاء الذكور |
| | | آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي گھري (سو) خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي. |
|
4322 | 42 | 50 | أو يزوجهم ذكرانا وإناثا ويجعل من يشاء عقيما إنه عليم قدير |
| | | يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي. |
|
4323 | 42 | 51 | وما كان لبشر أن يكلمه الله إلا وحيا أو من وراء حجاب أو يرسل رسولا فيوحي بإذنه ما يشاء إنه علي حكيم |
| | | ۽ ڪنھن ماڻھوءِ لاءِ ٿيڻو ئي نه آھي ته الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي ته الھام سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي) پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي. |
|
4324 | 42 | 52 | وكذلك أوحينا إليك روحا من أمرنا ما كنت تدري ما الكتاب ولا الإيمان ولكن جعلناه نورا نهدي به من نشاء من عبادنا وإنك لتهدي إلى صراط مستقيم |
| | | ۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو، (اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر قُرآن کي نُور ڪيو اٿون پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين. |
|
4325 | 42 | 53 | صراط الله الذي له ما في السماوات وما في الأرض ألا إلى الله تصير الأمور |
| | | (يعني) اُنھي الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن. |
|
4326 | 43 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم حم |
| | | حٰمٓ. |
|
4327 | 43 | 2 | والكتاب المبين |
| | | پڌري ڪتاب جو قسم آھي. |
|
4328 | 43 | 3 | إنا جعلناه قرآنا عربيا لعلكم تعقلون |
| | | ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو. |
|
4329 | 43 | 4 | وإنه في أم الكتاب لدينا لعلي حكيم |
| | | ۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي. |
|