بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
19571656ويجعلون لما لا يعلمون نصيبا مما رزقناهم تالله لتسألن عما كنتم تفترون
۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصّو مُقرّر ڪندا آھن جي نه ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي ته جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ.
19581657ويجعلون لله البنات سبحانه ولهم ما يشتهون
۽ الله لاءِ ڌيئرون مُقرّر ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پُٽ سو مُقرّر ڪندا آھن).
19591658وإذا بشر أحدهم بالأنثى ظل وجهه مسودا وهو كظيم
۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي.
19601659يتوارى من القوم من سوء ما بشر به أيمسكه على هون أم يدسه في التراب ألا ساء ما يحكمون
جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي نبيرو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
19611660للذين لا يؤمنون بالآخرة مثل السوء ولله المثل الأعلى وهو العزيز الحكيم
جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.
19621661ولو يؤاخذ الله الناس بظلمهم ما ترك عليها من دابة ولكن يؤخرهم إلى أجل مسمى فإذا جاء أجلهم لا يستأخرون ساعة ولا يستقدمون
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي ته ڪنھن چرندڙ کي زمين تي نه ڇڏي پر اُنھن کي ٺھرايل مدّت تائين مُھلت ڏني اٿس، پوءِ جنھن مھل سندن مھلت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.
19631662ويجعلون لله ما يكرهون وتصف ألسنتهم الكذب أن لهم الحسنى لا جرم أن لهم النار وأنهم مفرطون
۽ الله لاءِ اُھا شيء مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن ته سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن.
19641663تالله لقد أرسلنا إلى أمم من قبلك فزين لهم الشيطان أعمالهم فهو وليهم اليوم ولهم عذاب أليم
الله جو قسم آھي ته بيشڪ توکان اڳ اُمّتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
19651664وما أنزلنا عليك الكتاب إلا لتبين لهم الذي اختلفوا فيه وهدى ورحمة لقوم يؤمنون
۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.
19661665والله أنزل من السماء ماء فأحيا به الأرض بعد موتها إن في ذلك لآية لقوم يسمعون
۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.


0 ... 185.6 186.6 187.6 188.6 189.6 190.6 191.6 192.6 193.6 194.6 196.6 197.6 198.6 199.6 200.6 201.6 202.6 203.6 204.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

528021125762275755886864823563852273815