بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
33352883تلك الدار الآخرة نجعلها للذين لا يريدون علوا في الأرض ولا فسادا والعاقبة للمتقين
اِھو آخرت جو گھر آھي جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.
33362884من جاء بالحسنة فله خير منها ومن جاء بالسيئة فلا يجزى الذين عملوا السيئات إلا ما كانوا يعملون
جيڪو چڱائي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ جيڪو مدائي آڻيندو ته مدائين ڪرڻ وارا رڳو اُھا سزا لھندا جيڪي ڪيائون ٿي.
33372885إن الذي فرض عليك القرآن لرادك إلى معاد قل ربي أعلم من جاء بالهدى ومن هو في ضلال مبين
بيشڪ جنھن (الله) توتي قرآن نازل ڪيو سو موٽڻ جي جاءِ ڏانھن توکي ضرور موٽائڻ وارو آھي، چؤ ته جنھن ھدايت آندي تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي به جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي.
33382886وما كنت ترجو أن يلقى إليك الكتاب إلا رحمة من ربك فلا تكونن ظهيرا للكافرين
۽ توکي ڪو آسرو نه ھو ته تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نه ٿج.
33392887ولا يصدنك عن آيات الله بعد إذ أنزلت إليك وادع إلى ربك ولا تكونن من المشركين
۽ (اي پيغمبر) توکي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان اُن پڃاڻا جو تو ڏانھن موڪليون ويون (ڪافر) نه جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن) کي سڏ، ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نه ٿيءُ.
33402888ولا تدع مع الله إلها آخر لا إله إلا هو كل شيء هالك إلا وجهه له الحكم وإليه ترجعون
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نه سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شيء ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.
3341291بسم الله الرحمن الرحيم الم
الٓمّٓ.
3342292أحسب الناس أن يتركوا أن يقولوا آمنا وهم لا يفتنون
ماڻھن ڀانيو آھي ڇا ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته ايمان آندوسون اُھي ڇڏي ڏبا ۽ اُھي نه آزمائبا؟
3343293ولقد فتنا الذين من قبلهم فليعلمن الله الذين صدقوا وليعلمن الكاذبين
۽ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن کي بيشڪ پرکيوسون پوءِ جيڪي سچا آھن تن کي الله ضرور ڌار ڪندو ۽ ڪُوڙن کي (به) ضرور ڌار ڪندو.
3344294أم حسب الذين يعملون السيئات أن يسبقونا ساء ما يحكمون
جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا تن ڀانيو آھي ڇا ته اسان کون اڳتي نڪري ويندا؟ جيڪو نبيرو ڪن ٿا سو بڇڙو آھي.


0 ... 323.4 324.4 325.4 326.4 327.4 328.4 329.4 330.4 331.4 332.4 334.4 335.4 336.4 337.4 338.4 339.4 340.4 341.4 342.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

51293662117606449511880236235931103635