نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3636 | 34 | 30 | قل لكم ميعاد يوم لا تستأخرون عنه ساعة ولا تستقدمون |
| | | چؤ ته اوھان لاءِ اھڙي ڏينھن جو انجام آھي جنھن کان ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندؤ ۽ نڪي اڳي ويندؤ. |
|
3637 | 34 | 31 | وقال الذين كفروا لن نؤمن بهذا القرآن ولا بالذي بين يديه ولو ترى إذ الظالمون موقوفون عند ربهم يرجع بعضهم إلى بعض القول يقول الذين استضعفوا للذين استكبروا لولا أنتم لكنا مؤمنين |
| | | ۽ ڪافر چون ٿا ته ھن قُرآن کي ڪڏھن نه مڃينداسون ۽ نڪي اُنھي کي جو کانئس اڳ آھي، ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن ظالم پنھنجي پالڻھار اڳيان بيھاربا (تڏھن) جيڪڏھن ڏسين ته (عجب ڪرين)، جو (پاڻ ۾) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏي ڳالھ ورائيندا، جيڪي ھيڻا آھن سي ھٺيلن کي چوندا ته جيڪڏھن اوھان نه ھجوھا ته اسين مؤمن ھجون ھا. |
|
3638 | 34 | 32 | قال الذين استكبروا للذين استضعفوا أنحن صددناكم عن الهدى بعد إذ جاءكم بل كنتم مجرمين |
| | | ھٺيلا ھيڻن کي چوندا ته جڏھن (ھدايت) اوھان وٽ آئي تڏھن اسان اوھان کي ھدايت کان جھليو ھو ڇا؟ (نه!) بلڪ اوھين پاڻ گنھگار ھئؤ. |
|
3639 | 34 | 33 | وقال الذين استضعفوا للذين استكبروا بل مكر الليل والنهار إذ تأمروننا أن نكفر بالله ونجعل له أندادا وأسروا الندامة لما رأوا العذاب وجعلنا الأغلال في أعناق الذين كفروا هل يجزون إلا ما كانوا يعملون |
| | | ۽ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته (ائين نه آھي) بلڪ رات ۽ ڏينھن جي (اوھان جي) مڪر ڪرڻ (اسان کي جھليو ھو) جڏھن اسان کي حُڪم ڪندا ھيؤ ته الله سان ڪفر ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺھرايون، ۽ جڏھن عذاب کي ڏسندا (تڏھن) پشيماني (دل ۾) لڪائيندا، ۽ ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجھنداسون، جيڪي ڪندا ھوا تنھن کانسواءِ ٻئي جي سزا نه ڏبين. |
|
3640 | 34 | 34 | وما أرسلنا في قرية من نذير إلا قال مترفوها إنا بما أرسلتم به كافرون |
| | | ۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون مگر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته بيشڪ جنھن شيء سان اوھين موڪليا ويا آھيو (تنھنکي) اسين نه مڃيندڙ آھيون. |
|
3641 | 34 | 35 | وقالوا نحن أكثر أموالا وأولادا وما نحن بمعذبين |
| | | ۽ چيائون ته اسين گھڻي مال ۽ اولاد وارا آھيون ۽ اسان کي عذاب ٿيڻو نه آھي. |
|
3642 | 34 | 36 | قل إن ربي يبسط الرزق لمن يشاء ويقدر ولكن أكثر الناس لا يعلمون |
| | | چؤ ته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تنھن جي) تنگ ڪندو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. |
|
3643 | 34 | 37 | وما أموالكم ولا أولادكم بالتي تقربكم عندنا زلفى إلا من آمن وعمل صالحا فأولئك لهم جزاء الضعف بما عملوا وهم في الغرفات آمنون |
| | | ۽ نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد اھڙي شيء آھن جو اوھان کي اسان وٽ مرتبي جي ڪري ويجھو ڪن پر (ويجھا اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جيڪي ڪمايو تنھن سببان اُنھن لاءِ ٻيڻو بدلو آھي ۽ اُھي ماڙين ۾ امن سان رھندا. |
|
3644 | 34 | 38 | والذين يسعون في آياتنا معاجزين أولئك في العذاب محضرون |
| | | ۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا. |
|
3645 | 34 | 39 | قل إن ربي يبسط الرزق لمن يشاء من عباده ويقدر له وما أنفقتم من شيء فهو يخلفه وهو خير الرازقين |
| | | چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) تنگ ڪندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي. |
|