بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
9496160من جاء بالحسنة فله عشر أمثالها ومن جاء بالسيئة فلا يجزى إلا مثلها وهم لا يظلمون
جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نه ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
9506161قل إنني هداني ربي إلى صراط مستقيم دينا قيما ملة إبراهيم حنيفا وما كان من المشركين
(اي پيغمبر کين) چؤ ته منھنجي پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي آھي، جو مُحڪم دين ابراھيم حنيف (خُدا ڏانھن ھڪ طرفي) جو طريقو آھي، ۽ (ابراھيم) مُشرڪن مان نه ھو.
9516162قل إن صلاتي ونسكي ومحياي ومماتي لله رب العالمين
(اي پيغمبر کين ھيء به) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي.
9526163لا شريك له وبذلك أمرت وأنا أول المسلمين
کيس ڪو شريڪ نه آھي، ۽ مون کي ان لاءِ حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان.
9536164قل أغير الله أبغي ربا وهو رب كل شيء ولا تكسب كل نفس إلا عليها ولا تزر وازرة وزر أخرى ثم إلى ربكم مرجعكم فينبئكم بما كنتم فيه تختلفون
چؤ الله کانسواءِ ٻيو پالڻھار ڇو گھران؟ ۽ اُھو ھر شيء جو پالڻھار آھي، ۽ سڀڪو ماڻھو جيڪي ڪندو سو (بار) رڳو مٿس ھوندو، ۽ ڪو کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جو ھنڌ آھي پوءِ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
9546165وهو الذي جعلكم خلائف الأرض ورفع بعضكم فوق بعض درجات ليبلوكم في ما آتاكم إن ربك سريع العقاب وإنه لغفور رحيم
۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي زمين جو بادشاہ ڪيو آھي ۽ اوھان مان ڪن جا درجا ڪن کان ھن لاءِ بلند ڪيائين ته جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس تنھن ۾ اوھان کي پرکي، ڇوته تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيندڙ (به) آھي، ۽ بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.
95571بسم الله الرحمن الرحيم المص
الٓمّٓصٓ.
95672كتاب أنزل إليك فلا يكن في صدرك حرج منه لتنذر به وذكرى للمؤمنين
(اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.
95773اتبعوا ما أنزل إليكم من ربكم ولا تتبعوا من دونه أولياء قليلا ما تذكرون
جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
95874وكم من قرية أهلكناها فجاءها بأسنا بياتا أو هم قائلون
۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.


0 ... 84.8 85.8 86.8 87.8 88.8 89.8 90.8 91.8 92.8 93.8 95.8 96.8 97.8 98.8 99.8 100.8 101.8 102.8 103.8 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

46913712727376636385303578780942832542