نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4646 | 50 | 16 | ولقد خلقنا الإنسان ونعلم ما توسوس به نفسه ونحن أقرب إليه من حبل الوريد |
| | | ۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون. |
|
4647 | 50 | 17 | إذ يتلقى المتلقيان عن اليمين وعن الشمال قعيد |
| | | جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن. |
|
4648 | 50 | 18 | ما يلفظ من قول إلا لديه رقيب عتيد |
| | | ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي. |
|
4649 | 50 | 19 | وجاءت سكرة الموت بالحق ذلك ما كنت منه تحيد |
| | | ۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين. |
|
4650 | 50 | 20 | ونفخ في الصور ذلك يوم الوعيد |
| | | ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي. |
|
4651 | 50 | 21 | وجاءت كل نفس معها سائق وشهيد |
| | | ۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو. |
|
4652 | 50 | 22 | لقد كنت في غفلة من هذا فكشفنا عنك غطاءك فبصرك اليوم حديد |
| | | (چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي. |
|
4653 | 50 | 23 | وقال قرينه هذا ما لدي عتيد |
| | | ۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي. |
|
4654 | 50 | 24 | ألقيا في جهنم كل كفار عنيد |
| | | (چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو. |
|
4655 | 50 | 25 | مناع للخير معتد مريب |
| | | (جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي. |
|