نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4055 | 38 | 85 | لأملأن جهنم منك وممن تبعك منهم أجمعين |
| | | ته توسان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس. |
|
4056 | 38 | 86 | قل ما أسألكم عليه من أجر وما أنا من المتكلفين |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان. |
|
4057 | 38 | 87 | إن هو إلا ذكر للعالمين |
| | | ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي. |
|
4058 | 38 | 88 | ولتعلمن نبأه بعد حين |
| | | ۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ. |
|
4059 | 39 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم تنزيل الكتاب من الله العزيز الحكيم |
| | | (ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي. |
|
4060 | 39 | 2 | إنا أنزلنا إليك الكتاب بالحق فاعبد الله مخلصا له الدين |
| | | بيشڪ اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر. |
|
4061 | 39 | 3 | ألا لله الدين الخالص والذين اتخذوا من دونه أولياء ما نعبدهم إلا ليقربونا إلى الله زلفى إن الله يحكم بينهم في ما هم فيه يختلفون إن الله لا يهدي من هو كاذب كفار |
| | | خبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي. |
|
4062 | 39 | 4 | لو أراد الله أن يتخذ ولدا لاصطفى مما يخلق ما يشاء سبحانه هو الله الواحد القهار |
| | | جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا ته جيڪي (سڀئي) بڻايو اٿس تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا پر اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو ته الله اڪيلو (۽) زبردست آھي. |
|
4063 | 39 | 5 | خلق السماوات والأرض بالحق يكور الليل على النهار ويكور النهار على الليل وسخر الشمس والقمر كل يجري لأجل مسمى ألا هو العزيز الغفار |
| | | آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رِٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مُدّت تي ھلندو آھي، خبردار اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي. |
|
4064 | 39 | 6 | خلقكم من نفس واحدة ثم جعل منها زوجها وأنزل لكم من الأنعام ثمانية أزواج يخلقكم في بطون أمهاتكم خلقا من بعد خلق في ظلمات ثلاث ذلكم الله ربكم له الملك لا إله إلا هو فأنى تصرفون |
| | | اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو. |
|