نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4553 | 47 | 8 | والذين كفروا فتعسا لهم وأضل أعمالهم |
| | | ۽ جن انڪار ڪيو تن کي شال ھلاڪي ھجي ۽ الله سندن عملن کي چَٽ ڪيو. |
|
4554 | 47 | 9 | ذلك بأنهم كرهوا ما أنزل الله فأحبط أعمالهم |
| | | اِھا (سزا) ھِن ڪري آھي جو جيڪي الله نازل ڪيو آھي تنھنکي انھن ناپسند ڪيو تنھن ڪري (الله) سندن عملن کي چٽ ڪيو. |
|
4555 | 47 | 10 | أفلم يسيروا في الأرض فينظروا كيف كان عاقبة الذين من قبلهم دمر الله عليهم وللكافرين أمثالها |
| | | زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا ته نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، ۽ الله مٿن ھلاڪي نازل ڪئي، ۽ ڪافرن لاءِ اھڙيون (ئي سزائون) آھن. |
|
4556 | 47 | 11 | ذلك بأن الله مولى الذين آمنوا وأن الكافرين لا مولى لهم |
| | | اِھو ھن ڪري آھي جو الله مؤمنن جو ڪارساز آھي ۽ (ھن ڪري) ته ڪافرن جو ڪو سڄڻ نه آھي. |
|
4557 | 47 | 12 | إن الله يدخل الذين آمنوا وعملوا الصالحات جنات تجري من تحتها الأنهار والذين كفروا يتمتعون ويأكلون كما تأكل الأنعام والنار مثوى لهم |
| | | جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي بيشڪ الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ۽ جن انڪار ڪيو (سي) دنيا جو نفعو وٺندا آھن ۽ ائين کائيندا آھن جئين ڍور کائيندا آھن ۽ سندين جاءِ باھ آھي. |
|
4558 | 47 | 13 | وكأين من قرية هي أشد قوة من قريتك التي أخرجتك أهلكناهم فلا ناصر لهم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي ڳوٺ جنھن (جي ماڻھن) توکي ڪڍي ڇڏيو تنھن کان وڌيڪ سگھ وارا ڪيترائي ڳوٺ ھوا، جو اُنھن کي ناس ڪيوسون پوءِ انھن جو ڪو واھرو نه ھو. |
|
4559 | 47 | 14 | أفمن كان على بينة من ربه كمن زين له سوء عمله واتبعوا أهواءهم |
| | | جيڪو پنھنجي پالڻھار کان پڌريء حُجت تي ھجي سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا؟ جنھن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا ۽ پنھنجين سَڌن جي پٺيان لڳا. |
|
4560 | 47 | 15 | مثل الجنة التي وعد المتقون فيها أنهار من ماء غير آسن وأنهار من لبن لم يتغير طعمه وأنهار من خمر لذة للشاربين وأنهار من عسل مصفى ولهم فيها من كل الثمرات ومغفرة من ربهم كمن هو خالد في النار وسقوا ماء حميما فقطع أمعاءهم |
| | | جنھن بھشت جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي تنھنجي وصف ھي آھي جو اُن ۾ اھڙي پاڻي جون واھيون آھن جو (گھڻي رھڻ ڪري) نه سينواريو آھي، ۽ اھڙي کير جون واھيون آھن جنھن جو مزو نه مَٽيو آھي، ۽ پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ شراب جون واھيون آھن، ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون به واھيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ منجھس ھر جنس جا ميوا آھن ۽ سندن پالڻھار وٽان بخشش آھي، (اھي) انھن جھڙا آھن ڇا جيڪو باھ ۾ سدائين رھڻ وارو ھجي ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي جو سندن آنڊن کي ڇِني ڇڏي. |
|
4561 | 47 | 16 | ومنهم من يستمع إليك حتى إذا خرجوا من عندك قالوا للذين أوتوا العلم ماذا قال آنفا أولئك الذين طبع الله على قلوبهم واتبعوا أهواءهم |
| | | ۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو توڏانھن ڪن ڏيندو آھي، تان جو جنھن مھل تو وٽان نڪرندا آھن (تنھن مھل) جن کي علم ڏنو ويو تن کي چوندا آھن ته ھاڻي (پيغمبر) ڇا چيو؟ اِھي اُھي آھن جن جي دلين تي الله مُھر ھنئي آھي ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن تي ھليا. |
|
4562 | 47 | 17 | والذين اهتدوا زادهم هدى وآتاهم تقواهم |
| | | ۽ جن سِڌو رستو ورتو تن کي خدا ھدايت ۾ وڌايو ۽ کين سندين پرھيزگاري ڏني. |
|