نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4411 | 43 | 86 | ولا يملك الذين يدعون من دونه الشفاعة إلا من شهد بالحق وهم يعلمون |
| | | ۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا). |
|
4412 | 43 | 87 | ولئن سألتهم من خلقهم ليقولن الله فأنى يؤفكون |
| | | ۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته کين ڪنھن خلقيو ته ضرور چوندا ته الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن. |
|
4413 | 43 | 88 | وقيله يا رب إن هؤلاء قوم لا يؤمنون |
| | | ۽ (قسم آھي) پيغمبر جي انھي چوڻ تي ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ ھيءَ اھڙي قوم آھن جو (ڪنھن طرح) ايمان نه ٿا آڻين. |
|
4414 | 43 | 89 | فاصفح عنهم وقل سلام فسوف يعلمون |
| | | پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ (موڪلائيءَ جو) سلام چؤ، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا. |
|
4415 | 44 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم حم |
| | | حٰمٓ. |
|
4416 | 44 | 2 | والكتاب المبين |
| | | (ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي. |
|
4417 | 44 | 3 | إنا أنزلناه في ليلة مباركة إنا كنا منذرين |
| | | ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون. |
|
4418 | 44 | 4 | فيها يفرق كل أمر حكيم |
| | | اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي. |
|
4419 | 44 | 5 | أمرا من عندنا إنا كنا مرسلين |
| | | (اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون. |
|
4420 | 44 | 6 | رحمة من ربك إنه هو السميع العليم |
| | | تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|