نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4081 | 39 | 23 | الله نزل أحسن الحديث كتابا متشابها مثاني تقشعر منه جلود الذين يخشون ربهم ثم تلين جلودهم وقلوبهم إلى ذكر الله ذلك هدى الله يهدي به من يشاء ومن يضلل الله فما له من هاد |
| | | الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا (سندس مضمون دُھرايل آھن اُن جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي. |
|
4082 | 39 | 24 | أفمن يتقي بوجهه سوء العذاب يوم القيامة وقيل للظالمين ذوقوا ما كنتم تكسبون |
| | | ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟)، ۽ ظالمن کي چئبو ته جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چڱو. |
|
4083 | 39 | 25 | كذب الذين من قبلهم فأتاهم العذاب من حيث لا يشعرون |
| | | جيڪي کانئن اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو (ھو) پوءِ وٽن اُتان عذاب پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا. |
|
4084 | 39 | 26 | فأذاقهم الله الخزي في الحياة الدنيا ولعذاب الآخرة أكبر لو كانوا يعلمون |
| | | پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا). |
|
4085 | 39 | 27 | ولقد ضربنا للناس في هذا القرآن من كل مثل لعلهم يتذكرون |
| | | ۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
|
4086 | 39 | 28 | قرآنا عربيا غير ذي عوج لعلهم يتقون |
| | | قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) ته مانَ اُھي ڊڄن. |
|
4087 | 39 | 29 | ضرب الله مثلا رجلا فيه شركاء متشاكسون ورجلا سلما لرجل هل يستويان مثلا الحمد لله بل أكثرهم لا يعلمون |
| | | الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي ماڻھوءَ جي ملڪيت آھي مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
|
4088 | 39 | 30 | إنك ميت وإنهم ميتون |
| | | (اي پيغمبر) بيشڪ تون (به) مرندين ۽ بيشڪ اُھي (به) مرندا. |
|
4089 | 39 | 31 | ثم إنكم يوم القيامة عند ربكم تختصمون |
| | | وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن پنھنجي پالڻھار وٽ پاڻ ۾ جھڳڙو ڪندؤ. |
|
4090 | 39 | 32 | فمن أظلم ممن كذب على الله وكذب بالصدق إذ جاءه أليس في جهنم مثوى للكافرين |
| | | پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٺاھيو ۽ جڏھن سچو دين وٽس آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائين، ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟ |
|