بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
2832276يمحق الله الربا ويربي الصدقات والله لا يحب كل كفار أثيم
الله وياج (جو کٽيو) ناس ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن بي شڪر گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.
2842277إن الذين آمنوا وعملوا الصالحات وأقاموا الصلاة وآتوا الزكاة لهم أجرهم عند ربهم ولا خوف عليهم ولا هم يحزنون
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙھيائون ۽ زڪوٰة ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
2852278يا أيها الذين آمنوا اتقوا الله وذروا ما بقي من الربا إن كنتم مؤمنين
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.
2862279فإن لم تفعلوا فأذنوا بحرب من الله ورسوله وإن تبتم فلكم رءوس أموالكم لا تظلمون ولا تظلمون
پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جي سُڌ ھجي، ۽ جيڪڏھن توبه ڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو.
2872280وإن كان ذو عسرة فنظرة إلى ميسرة وأن تصدقوا خير لكم إن كنتم تعلمون
۽ جيڪڏھن (قرضي) سڃو ھجي ته سگھ تائين مُھلت ڏيڻ لازم آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.
2882281واتقوا يوما ترجعون فيه إلى الله ثم توفى كل نفس ما كسبت وهم لا يظلمون
۽ (اي ماڻھو) اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
2892282يا أيها الذين آمنوا إذا تداينتم بدين إلى أجل مسمى فاكتبوه وليكتب بينكم كاتب بالعدل ولا يأب كاتب أن يكتب كما علمه الله فليكتب وليملل الذي عليه الحق وليتق الله ربه ولا يبخس منه شيئا فإن كان الذي عليه الحق سفيها أو ضعيفا أو لا يستطيع أن يمل هو فليملل وليه بالعدل واستشهدوا شهيدين من رجالكم فإن لم يكونا رجلين فرجل وامرأتان ممن ترضون من الشهداء أن تضل إحداهما فتذكر إحداهما الأخرى ولا يأب الشهداء إذا ما دعوا ولا تسأموا أن تكتبوه صغيرا أو كبيرا إلى أجله ذلكم أقسط عند الله وأقوم للشهادة وأدنى ألا ترتابوا إلا أن تكون تجارة حاضرة تديرونها بينكم فليس عليكم جناح ألا تكتبوها وأشهدوا إذا تبايعتم ولا يضار كاتب ولا شهيد وإن تفعلوا فإنه فسوق بكم واتقوا الله ويعلمكم الله والله بكل شيء عليم
اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جئن کيس الله سيکاريو تئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪُجھ نه گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي اِنصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
2902283وإن كنتم على سفر ولم تجدوا كاتبا فرهان مقبوضة فإن أمن بعضكم بعضا فليؤد الذي اؤتمن أمانته وليتق الله ربه ولا تكتموا الشهادة ومن يكتمها فإنه آثم قلبه والله بما تعملون عليم
۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھُجو ۽ لکندڙ نه لھو ته ھٿڻ گروي وٺڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي اعتبار رکن ته جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نه لڪايو، ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو ته بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.
2912284لله ما في السماوات وما في الأرض وإن تبدوا ما في أنفسكم أو تخفوه يحاسبكم به الله فيغفر لمن يشاء ويعذب من يشاء والله على كل شيء قدير
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
2922285آمن الرسول بما أنزل إليه من ربه والمؤمنون كل آمن بالله وملائكته وكتبه ورسله لا نفرق بين أحد من رسله وقالوا سمعنا وأطعنا غفرانك ربنا وإليك المصير
پيغمبر (ﷴ ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ سندس (حُڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي.


0 ... 18.2 19.2 20.2 21.2 22.2 23.2 24.2 25.2 26.2 27.2 29.2 30.2 31.2 32.2 33.2 34.2 35.2 36.2 37.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

450698544543022425349025256014623278