بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
2662259أو كالذي مر على قرية وهي خاوية على عروشها قال أنى يحيي هذه الله بعد موتها فأماته الله مائة عام ثم بعثه قال كم لبثت قال لبثت يوما أو بعض يوم قال بل لبثت مائة عام فانظر إلى طعامك وشرابك لم يتسنه وانظر إلى حمارك ولنجعلك آية للناس وانظر إلى العظام كيف ننشزها ثم نكسوها لحما فلما تبين له قال أعلم أن الله على كل شيء قدير
يا اِنھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين ته ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کانپوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سؤ ورھيه ماريو وري کيس (جياري) کڙو ڪيائين، الله چيو ته ڪيترو رھينءِ؟ چيائين ته ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر دير ڪئي اٿم، الله چيو ته بلڪ سؤ ورھيه دير ڪئي اٿيئي پوءِ پنھنجي طعام ۽ پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نه سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (ته جياري توکي ڏيکاريون) ۽ (اِھو ھِن لاءِ ڪيوسين) ته توکي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس ته کين ڪئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل ان تي (اِھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين ته ڄاڻان ٿو ته الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
2672260وإذ قال إبراهيم رب أرني كيف تحيي الموتى قال أولم تؤمن قال بلى ولكن ليطمئن قلبي قال فخذ أربعة من الطير فصرهن إليك ثم اجعل على كل جبل منهن جزءا ثم ادعهن يأتينك سعيا واعلم أن الله عزيز حكيم
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو ته نه ٿو وسھين ڇا؟ (ابراھيم) چيو ته ھائو (وسھان ٿو) پر ھن لاءِ ته منھنجي دل کي تسلّىٰ ٿئي. (الله) چيو ته چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ذرا ذرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ ته توڏانھن ڊوڙندا ايندا، ۽ ڄاڻ ته الله غالب حڪمت وارو آھي.
2682261مثل الذين ينفقون أموالهم في سبيل الله كمثل حبة أنبتت سبع سنابل في كل سنبلة مائة حبة والله يضاعف لمن يشاء والله واسع عليم
جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال اُنھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سڀ داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.
2692262الذين ينفقون أموالهم في سبيل الله ثم لا يتبعون ما أنفقوا منا ولا أذى لهم أجرهم عند ربهم ولا خوف عليهم ولا هم يحزنون
جيڪي (ماڻھو) پنھنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن وري پنھنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آھن ۽ نڪي ايذائيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن ثواب آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
2702263قول معروف ومغفرة خير من صدقة يتبعها أذى والله غني حليم
مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھُجي، ۽ الله بي پرواہ بُردبار آھي.
2712264يا أيها الذين آمنوا لا تبطلوا صدقاتكم بالمن والأذى كالذي ينفق ماله رئاء الناس ولا يؤمن بالله واليوم الآخر فمثله كمثل صفوان عليه تراب فأصابه وابل فتركه صلدا لا يقدرون على شيء مما كسبوا والله لا يهدي القوم الكافرين
اي مؤمنؤ پنھنجين خيراتن کي اِحسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نه وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃي، پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پھڻ وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس، (ته رياء وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نه ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
2722265ومثل الذين ينفقون أموالهم ابتغاء مرضات الله وتثبيتا من أنفسهم كمثل جنة بربوة أصابها وابل فآتت أكلها ضعفين فإن لم يصبها وابل فطل والله بما تعملون بصير
۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
2732266أيود أحدكم أن تكون له جنة من نخيل وأعناب تجري من تحتها الأنهار له فيها من كل الثمرات وأصابه الكبر وله ذرية ضعفاء فأصابها إعصار فيه نار فاحترقت كذلك يبين الله لكم الآيات لعلكم تتفكرون
اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ ته اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ھيڻو اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھه ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
2742267يا أيها الذين آمنوا أنفقوا من طيبات ما كسبتم ومما أخرجنا لكم من الأرض ولا تيمموا الخبيث منه تنفقون ولستم بآخذيه إلا أن تغمضوا فيه واعلموا أن الله غني حميد
اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان (۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
2752268الشيطان يعدكم الفقر ويأمركم بالفحشاء والله يعدكم مغفرة منه وفضلا والله واسع عليم
(اي مسلمانؤ) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.


0 ... 16.5 17.5 18.5 19.5 20.5 21.5 22.5 23.5 24.5 25.5 27.5 28.5 29.5 30.5 31.5 32.5 33.5 34.5 35.5 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

556764923674561184028984309139828092561