نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
170 | 2 | 163 | وإلهكم إله واحد لا إله إلا هو الرحمن الرحيم |
| | | ۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي. |
|
171 | 2 | 164 | إن في خلق السماوات والأرض واختلاف الليل والنهار والفلك التي تجري في البحر بما ينفع الناس وما أنزل الله من السماء من ماء فأحيا به الأرض بعد موتها وبث فيها من كل دابة وتصريف الرياح والسحاب المسخر بين السماء والأرض لآيات لقوم يعقلون |
| | | آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن. |
|
172 | 2 | 165 | ومن الناس من يتخذ من دون الله أندادا يحبونهم كحب الله والذين آمنوا أشد حبا لله ولو يرى الذين ظلموا إذ يرون العذاب أن القوة لله جميعا وأن الله شديد العذاب |
| | | ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا (۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين). |
|
173 | 2 | 166 | إذ تبرأ الذين اتبعوا من الذين اتبعوا ورأوا العذاب وتقطعت بهم الأسباب |
| | | جنھن مھل اڳواڻ پٺيان لڳندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا ڇڄندا، |
|
174 | 2 | 167 | وقال الذين اتبعوا لو أن لنا كرة فنتبرأ منهم كما تبرءوا منا كذلك يريهم الله أعمالهم حسرات عليهم وما هم بخارجين من النار |
| | | ۽ (تنھن مھل) پٺيءَ لڳندڙ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جئن اسان کان بيزار ٿيا آھن، اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن پشيمانيون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن. |
|
175 | 2 | 168 | يا أيها الناس كلوا مما في الأرض حلالا طيبا ولا تتبعوا خطوات الشيطان إنه لكم عدو مبين |
| | | اي ماڻھؤ جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو، ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي. |
|
176 | 2 | 169 | إنما يأمركم بالسوء والفحشاء وأن تقولوا على الله ما لا تعلمون |
| | | (شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو. |
|
177 | 2 | 170 | وإذا قيل لهم اتبعوا ما أنزل الله قالوا بل نتبع ما ألفينا عليه آباءنا أولو كان آباؤهم لا يعقلون شيئا ولا يهتدون |
| | | ۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن پئن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا. |
|
178 | 2 | 171 | ومثل الذين كفروا كمثل الذي ينعق بما لا يسمع إلا دعاء ونداء صم بكم عمي فهم لا يعقلون |
| | | ۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن. |
|
179 | 2 | 172 | يا أيها الذين آمنوا كلوا من طيبات ما رزقناكم واشكروا لله إن كنتم إياه تعبدون |
| | | اي مؤمنؤ جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين نلو الله جي عبادت ڪندڙ آھيو ته سندس شڪرانو ادا ڪريو. |
|