نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
1122 | 7 | 168 | وقطعناهم في الأرض أمما منهم الصالحون ومنهم دون ذلك وبلوناهم بالحسنات والسيئات لعلهم يرجعون |
| | | ۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون ته مانَ اُھي موٽن. |
|
1123 | 7 | 169 | فخلف من بعدهم خلف ورثوا الكتاب يأخذون عرض هذا الأدنى ويقولون سيغفر لنا وإن يأتهم عرض مثله يأخذوه ألم يؤخذ عليهم ميثاق الكتاب أن لا يقولوا على الله إلا الحق ودرسوا ما فيه والدار الآخرة خير للذين يتقون أفلا تعقلون |
| | | وري کائن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته بخشبا سون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي ته (اُھي پشيمان نه ٿيندا آھن ۽) اُھو وٺندا رھندا آھن، کائن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نه ورتو ويو ھو ڇا ته سچ کانسواءِ الله تي ڪي به ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو به اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟ |
|
1124 | 7 | 170 | والذين يمسكون بالكتاب وأقاموا الصلاة إنا لا نضيع أجر المصلحين |
| | | ۽ جيڪي ڪتاب کي مُحڪم وٺن ٿا ۽ نماز پڙھن ٿا، (اھڙن) نيڪن جو اجر اسين نه وڃائيندا آھيون. |
|
1125 | 7 | 171 | وإذ نتقنا الجبل فوقهم كأنه ظلة وظنوا أنه واقع بهم خذوا ما آتيناكم بقوة واذكروا ما فيه لعلكم تتقون |
| | | ۽ (ياد ڪر) جڏھن انھن جي مٿان جبل کي ٽنگيوسون ڄڻ ته اُھو ڇٽي ھو ۽ ڀانيائون ته اُھو مٿن ڪرندو، (کين چيوسون ته) جيڪي اسان اوھان کي ڏنو آھي سو مُحڪم ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪندا رھو ته مانَ اوھين (عذاب کان) بچو. |
|
1126 | 7 | 172 | وإذ أخذ ربك من بني آدم من ظهورهم ذريتهم وأشهدهم على أنفسهم ألست بربكم قالوا بلى شهدنا أن تقولوا يوم القيامة إنا كنا عن هذا غافلين |
| | | ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين، (۽ پڇيائين) ته (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نه آھيان ڇا؟ چيائون ته ھائو (آھين)، گواہ ٿيا آھيون، (اھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) ته متان قيامت جي ڏينھن چئو ته اسين ھن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون. |
|
1127 | 7 | 173 | أو تقولوا إنما أشرك آباؤنا من قبل وكنا ذرية من بعدهم أفتهلكنا بما فعل المبطلون |
| | | يا متان چئو ته اڳئي شرڪ اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو ھو ۽ اسين کائن پوءِ اولاد ھئاسون، تنھنڪري جيڪي بيھودن ڪيو تنھن سببان اسان کي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ |
|
1128 | 7 | 174 | وكذلك نفصل الآيات ولعلهم يرجعون |
| | | ۽ اھڙي طرح اسين آيتون کليل طرح بيان ڪندا آھيون ته مانَ اُھي موٽن. |
|
1129 | 7 | 175 | واتل عليهم نبأ الذي آتيناه آياتنا فانسلخ منها فأتبعه الشيطان فكان من الغاوين |
| | | ۽ (اي پيغمبر) تون اُن (ماڻھو) جو قصو کين پڙھي ٻڌاءِ جنھن کي پنھنجين آيتن جو علم ڏنوھوسون (اُھو) اُن (آيتن جي علم) مان نڪتو پوءِ شيطان سندس پُٺيان لڳو پوءِ (اُھو) گمراھن مان ٿيو. |
|
1130 | 7 | 176 | ولو شئنا لرفعناه بها ولكنه أخلد إلى الأرض واتبع هواه فمثله كمثل الكلب إن تحمل عليه يلهث أو تتركه يلهث ذلك مثل القوم الذين كذبوا بآياتنا فاقصص القصص لعلهم يتفكرون |
| | | ۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھُن (ھيٺ) زمين ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ پنھنجن سڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين ته سھڪي يا جي ڇڏي ڏئين ته (به) سھڪي، اھو انھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ ته مانَ اُھي سوچ ڪن. |
|
1131 | 7 | 177 | ساء مثلا القوم الذين كذبوا بآياتنا وأنفسهم كانوا يظلمون |
| | | جن ماڻھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جو حال بڇڙو آھي ۽ اُنھن پاڻ تي ئي ظلم ڪيو. |
|