بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
520427والله يريد أن يتوب عليكم ويريد الذين يتبعون الشهوات أن تميلوا ميلا عظيما
۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن.
521428يريد الله أن يخفف عنكم وخلق الإنسان ضعيفا
الله اوھان تان بار ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي.
522429يا أيها الذين آمنوا لا تأكلوا أموالكم بينكم بالباطل إلا أن تكون تجارة عن تراض منكم ولا تقتلوا أنفسكم إن الله كان بكم رحيما
اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.
523430ومن يفعل ذلك عدوانا وظلما فسوف نصليه نارا وكان ذلك على الله يسيرا
۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.
524431إن تجتنبوا كبائر ما تنهون عنه نكفر عنكم سيئاتكم وندخلكم مدخلا كريما
جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.
525432ولا تتمنوا ما فضل الله به بعضكم على بعض للرجال نصيب مما اكتسبوا وللنساء نصيب مما اكتسبن واسألوا الله من فضله إن الله كان بكل شيء عليما
جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ زالن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
526433ولكل جعلنا موالي مما ترك الوالدان والأقربون والذين عقدت أيمانكم فآتوهم نصيبهم إن الله كان على كل شيء شهيدا
۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مُقرّر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي دوستيءَ ۾) اوھانجي قَسمن ٻَڌو آھي تن کي سندن حصّو ڏيو، ڇوته الله سڀڪنھن شي تي حاضر آھي.
527434الرجال قوامون على النساء بما فضل الله بعضهم على بعض وبما أنفقوا من أموالهم فالصالحات قانتات حافظات للغيب بما حفظ الله واللاتي تخافون نشوزهن فعظوهن واهجروهن في المضاجع واضربوهن فإن أطعنكم فلا تبغوا عليهن سبيلا إن الله كان عليا كبيرا
مڙس زالن تي انھيءَ سببان حاڪم آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچيندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاہ رکڻ واريون الله جي نگھباني موجب آھن، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءُ جي) واٽ نه ڳوليو، ڇوته الله وڏو وڏيءَ وڏائيءَ وارو آھي.
528435وإن خفتم شقاق بينهما فابعثوا حكما من أهله وحكما من أهلها إن يريدا إصلاحا يوفق الله بينهما إن الله كان عليما خبيرا
۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊڄو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مُقرّر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صُلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.
529436واعبدوا الله ولا تشركوا به شيئا وبالوالدين إحسانا وبذي القربى واليتامى والمساكين والجار ذي القربى والجار الجنب والصاحب بالجنب وابن السبيل وما ملكت أيمانكم إن الله لا يحب من كان مختالا فخورا
۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.


0 ... 41.9 42.9 43.9 44.9 45.9 46.9 47.9 48.9 49.9 50.9 52.9 53.9 54.9 55.9 56.9 57.9 58.9 59.9 60.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2387332830807772499482517193006926937