نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3275 | 28 | 23 | ولما ورد ماء مدين وجد عليه أمة من الناس يسقون ووجد من دونهم امرأتين تذودان قال ما خطبكما قالتا لا نسقي حتى يصدر الرعاء وأبونا شيخ كبير |
| | | ۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين، ۽ اُنھن کانسواءِ ٻه زالون (به پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھليندي ڏٺائين، (مُوسى) چيو ته اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي؟ چيائون ته (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نه پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نه) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي. |
|
3276 | 28 | 24 | فسقى لهما ثم تولى إلى الظل فقال رب إني لما أنزلت إلي من خير فقير |
| | | پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين وري (رھڻ لاءِ) پاڇي ڏانھن ڦِريو پوءِ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪليءِ تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان. |
|
3277 | 28 | 25 | فجاءته إحداهما تمشي على استحياء قالت إن أبي يدعوك ليجزيك أجر ما سقيت لنا فلما جاءه وقص عليه القصص قال لا تخف نجوت من القوم الظالمين |
| | | پوءِ منجھائن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين ته منھنجو پيءُ توکي ھن لاءِ سڏي ٿو ته جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھنجي مزوري توکي ڏي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين (تنھن مھل شعيب) چيو ته نه ڊڄ، (ھاڻي) ظالم قوم کان ڇُٽين. |
|
3278 | 28 | 26 | قالت إحداهما يا أبت استأجره إن خير من استأجرت القوي الأمين |
| | | منجھائن ھڪ چيو ته اي ابا ھن کي مزور ڪري رک، ڇوته ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو معتبر ھجي. |
|
3279 | 28 | 27 | قال إني أريد أن أنكحك إحدى ابنتي هاتين على أن تأجرني ثماني حجج فإن أتممت عشرا فمن عندك وما أريد أن أشق عليك ستجدني إن شاء الله من الصالحين |
| | | (شعيب) چيو ته منھنجو ارادو آھي ته ھنن پنھنجن ٻن ڌيئن مان ھڪ ھن شرط تي توکي پرڻايان ته اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھ ڏھ (ورھ) پورا ڪندين ته اُھو تنھنجي پار کان (احسان) آھي ۽ آءٌ توتي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي خير گھرن مان ڏسندين. |
|
3280 | 28 | 28 | قال ذلك بيني وبينك أيما الأجلين قضيت فلا عدوان علي والله على ما نقول وكيل |
| | | (مُوسى) چيو ته منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، انھن ٻنھي مدتن مان ڪا پورائي ڪريان ته مون تي ڪو زور نه ھوندو، ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (بس) آھي. |
|
3281 | 28 | 29 | فلما قضى موسى الأجل وسار بأهله آنس من جانب الطور نارا قال لأهله امكثوا إني آنست نارا لعلي آتيكم منها بخبر أو جذوة من النار لعلكم تصطلون |
| | | پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ (اھا) مُدّت پوري ڪئي ۽ پنھنجي گھر وارن کي وٺي ھليو (تنھن مھل وچ رستي ۾ ڪوہ) طور جي پاسي ڏانھن باھ ڏٺائين، پنھنجي گھر وارن کي چيائين ته ترسو بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي اُميد اٿم ته اُتاھون ڪا خبر يا ڪو باھ جو ٽانڊو اوھان وٽ آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو. |
|
3282 | 28 | 30 | فلما أتاها نودي من شاطئ الواد الأيمن في البقعة المباركة من الشجرة أن يا موسى إني أنا الله رب العالمين |
| | | پوءِ جڏھن اُنھيءَ (باھ) وٽ آيو (تڏھن) ميدان جي سڄي ڀر کان مُبارڪ جاءِ ۽ وڻ مان سڏيو ويو ته اي مُوسىٰ بيشڪ آءٌ جھانن جو پالڻھار آھيان. |
|
3283 | 28 | 31 | وأن ألق عصاك فلما رآها تهتز كأنها جان ولى مدبرا ولم يعقب يا موسى أقبل ولا تخف إنك من الآمنين |
| | | ۽ تون پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺيرو ٿي منھن موڙيائين ۽ پوئتي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي موسىٰ اوري اچ ۽ نه ڊڄ، جو بيشڪ تون امن وارن مان آھين. |
|
3284 | 28 | 32 | اسلك يدك في جيبك تخرج بيضاء من غير سوء واضمم إليك جناحك من الرهب فذانك برهانان من ربك إلى فرعون وملئه إنهم كانوا قوما فاسقين |
| | | پنھنجو ھٿ گريبان ۾ گھيڙ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن گڏ پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا. |
|