نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2356 | 20 | 8 | الله لا إله إلا هو له الأسماء الحسنى |
| | | الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن. |
|
2357 | 20 | 9 | وهل أتاك حديث موسى |
| | | ۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟ |
|
2358 | 20 | 10 | إذ رأى نارا فقال لأهله امكثوا إني آنست نارا لعلي آتيكم منها بقبس أو أجد على النار هدى |
| | | جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان. |
|
2359 | 20 | 11 | فلما أتاها نودي يا موسى |
| | | پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى. |
|
2360 | 20 | 12 | إني أنا ربك فاخلع نعليك إنك بالواد المقدس طوى |
| | | بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين. |
|
2361 | 20 | 13 | وأنا اخترتك فاستمع لما يوحى |
| | | ۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ. |
|
2362 | 20 | 14 | إنني أنا الله لا إله إلا أنا فاعبدني وأقم الصلاة لذكري |
| | | سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر. |
|
2363 | 20 | 15 | إن الساعة آتية أكاد أخفيها لتجزى كل نفس بما تسعى |
| | | بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي. |
|
2364 | 20 | 16 | فلا يصدنك عنها من لا يؤمن بها واتبع هواه فتردى |
| | | جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين. |
|
2365 | 20 | 17 | وما تلك بيمينك يا موسى |
| | | ۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟ |
|