نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2276 | 19 | 26 | فكلي واشربي وقري عينا فإما ترين من البشر أحدا فقولي إني نذرت للرحمن صوما فلن أكلم اليوم إنسيا |
| | | پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين ته چؤ ته مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري اڄ ڪنھن ماڻھوءَ سان پٽيءَ نه ڳالھائيندس. |
|
2277 | 19 | 27 | فأتت به قومها تحمله قالوا يا مريم لقد جئت شيئا فريا |
| | | پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون ته اي مريم بيشڪ بڇڙي شيء آندي اٿيئي. |
|
2278 | 19 | 28 | يا أخت هارون ما كان أبوك امرأ سوء وما كانت أمك بغيا |
| | | اي ھارون جي ڀيڻ نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي. |
|
2279 | 19 | 29 | فأشارت إليه قالوا كيف نكلم من كان في المهد صبيا |
| | | پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون ته جيڪو پينگھي ۾ ڇوڪر آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون. |
|
2280 | 19 | 30 | قال إني عبد الله آتاني الكتاب وجعلني نبيا |
| | | (عيسى) چيو ته آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس. |
|
2281 | 19 | 31 | وجعلني مباركا أين ما كنت وأوصاني بالصلاة والزكاة ما دمت حيا |
| | | ۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين. |
|
2282 | 19 | 32 | وبرا بوالدتي ولم يجعلني جبارا شقيا |
| | | ۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نه ڪيائين. |
|
2283 | 19 | 33 | والسلام علي يوم ولدت ويوم أموت ويوم أبعث حيا |
| | | ۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي. |
|
2284 | 19 | 34 | ذلك عيسى ابن مريم قول الحق الذي فيه يمترون |
| | | اِھو (قِصّو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن. |
|
2285 | 19 | 35 | ما كان لله أن يتخذ من ولد سبحانه إذا قضى أمرا فإنما يقول له كن فيكون |
| | | الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نه جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي. |
|