نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2206 | 18 | 66 | قال له موسى هل أتبعك على أن تعلمن مما علمت رشدا |
| | | موسىٰؑ ان کي چيو ته آءٌ تنھنجي ڪڍ ھلان ھن شرط تي ته توکي جيڪي ھدايت مان سيکاريو ويو اُن مان مون کي به سيکارين. |
|
2207 | 18 | 67 | قال إنك لن تستطيع معي صبرا |
| | | (خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين. |
|
2208 | 18 | 68 | وكيف تصبر على ما لم تحط به خبرا |
| | | ۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين. |
|
2209 | 18 | 69 | قال ستجدني إن شاء الله صابرا ولا أعصي لك أمرا |
| | | (موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس. |
|
2210 | 18 | 70 | قال فإن اتبعتني فلا تسألني عن شيء حتى أحدث لك منه ذكرا |
| | | (خضرؑ) چيو ته جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين ته (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نه پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان ان جو بيان (نه) ڪريان. |
|
2211 | 18 | 71 | فانطلقا حتى إذا ركبا في السفينة خرقها قال أخرقتها لتغرق أهلها لقد جئت شيئا إمرا |
| | | پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضرؑ) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰؑ) چيو ته تو اُن کي انھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو. |
|
2212 | 18 | 72 | قال ألم أقل إنك لن تستطيع معي صبرا |
| | | (خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين. |
|
2213 | 18 | 73 | قال لا تؤاخذني بما نسيت ولا ترهقني من أمري عسرا |
| | | (موسىٰؑ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ. |
|
2214 | 18 | 74 | فانطلقا حتى إذا لقيا غلاما فقتله قال أقتلت نفسا زكية بغير نفس لقد جئت شيئا نكرا |
| | | پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضرؑ) اُن کي ڪُٺو (موسىٰؑ) چيو ته قصاص ڌاران بيگناھ جِيءَ کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو. |
|
2215 | 18 | 75 | قال ألم أقل لك إنك لن تستطيع معي صبرا |
| | | (خضرؑ) چيو ته توکي نه ھوم ڇا ته تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نه صبر ڪري سگھندين؟ |
|