بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
22051865فوجدا عبدا من عبادنا آتيناه رحمة من عندنا وعلمناه من لدنا علما
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھون لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون.
22061866قال له موسى هل أتبعك على أن تعلمن مما علمت رشدا
موسىٰؑ ان کي چيو ته آءٌ تنھنجي ڪڍ ھلان ھن شرط تي ته توکي جيڪي ھدايت مان سيکاريو ويو اُن مان مون کي به سيکارين.
22071867قال إنك لن تستطيع معي صبرا
(خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين.
22081868وكيف تصبر على ما لم تحط به خبرا
۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين.
22091869قال ستجدني إن شاء الله صابرا ولا أعصي لك أمرا
(موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس.
22101870قال فإن اتبعتني فلا تسألني عن شيء حتى أحدث لك منه ذكرا
(خضرؑ) چيو ته جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين ته (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نه پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان ان جو بيان (نه) ڪريان.
22111871فانطلقا حتى إذا ركبا في السفينة خرقها قال أخرقتها لتغرق أهلها لقد جئت شيئا إمرا
پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضرؑ) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰؑ) چيو ته تو اُن کي انھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو.
22121872قال ألم أقل إنك لن تستطيع معي صبرا
(خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين.
22131873قال لا تؤاخذني بما نسيت ولا ترهقني من أمري عسرا
(موسىٰؑ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ.
22141874فانطلقا حتى إذا لقيا غلاما فقتله قال أقتلت نفسا زكية بغير نفس لقد جئت شيئا نكرا
پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضرؑ) اُن کي ڪُٺو (موسىٰؑ) چيو ته قصاص ڌاران بيگناھ جِيءَ کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو.


0 ... 210.4 211.4 212.4 213.4 214.4 215.4 216.4 217.4 218.4 219.4 221.4 222.4 223.4 224.4 225.4 226.4 227.4 228.4 229.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

37493426471452185413387032095034526126