بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
21961856وما نرسل المرسلين إلا مبشرين ومنذرين ويجادل الذين كفروا بالباطل ليدحضوا به الحق واتخذوا آياتي وما أنذروا هزوا
۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن ته ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ٺـٺولي ڪري ورتائون.
21971857ومن أظلم ممن ذكر بآيات ربه فأعرض عنها ونسي ما قدمت يداه إنا جعلنا على قلوبهم أكنة أن يفقهوه وفي آذانهم وقرا وإن تدعهم إلى الهدى فلن يهتدوا إذا أبدا
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي ته اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين ته اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن به نه لھندا.
21981858وربك الغفور ذو الرحمة لو يؤاخذهم بما كسبوا لعجل لهم العذاب بل لهم موعد لن يجدوا من دونه موئلا
۽ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيتي سببان پڪڙي ھا ته انھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نه!) بلڪ انھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نه لھندا.
21991859وتلك القرى أهلكناهم لما ظلموا وجعلنا لمهلكهم موعدا
۽ اھي ڳوٺ آھن جو انھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ انھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون.
22001860وإذ قال موسى لفتاه لا أبرح حتى أبلغ مجمع البحرين أو أمضي حقبا
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته سدا پيو پنڌ ڪندس جيسين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا ورھن تائين پيو ھلندس.
22011861فلما بلغا مجمع بينهما نسيا حوتهما فاتخذ سبيله في البحر سربا
پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي.
22021862فلما جاوزا قال لفتاه آتنا غداءنا لقد لقينا من سفرنا هذا نصبا
پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰؑ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته اسان کي اسان جو منجھند جو طعام ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي اوکائي پُھتي آھي.
22031863قال أرأيت إذ أوينا إلى الصخرة فإني نسيت الحوت وما أنسانيه إلا الشيطان أن أذكره واتخذ سبيله في البحر عجبا
چيائين ته (نه) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھواسون تڏھن مون (اتي) مڇي وساري، ۽ ان جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياء ۾ عجب طرح ورتائين.
22041864قال ذلك ما كنا نبغ فارتدا على آثارهما قصصا
(موسىٰؑ) چيو ته اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا.
22051865فوجدا عبدا من عبادنا آتيناه رحمة من عندنا وعلمناه من لدنا علما
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھون لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون.


0 ... 209.5 210.5 211.5 212.5 213.5 214.5 215.5 216.5 217.5 218.5 220.5 221.5 222.5 223.5 224.5 225.5 226.5 227.5 228.5 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

705187069958386535450186118274117