نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2025 | 16 | 124 | إنما جعل السبت على الذين اختلفوا فيه وإن ربك ليحكم بينهم يوم القيامة فيما كانوا فيه يختلفون |
| | | جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن. |
|
2026 | 16 | 125 | ادع إلى سبيل ربك بالحكمة والموعظة الحسنة وجادلهم بالتي هي أحسن إن ربك هو أعلم بمن ضل عن سبيله وهو أعلم بالمهتدين |
| | | (اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي. |
|
2027 | 16 | 126 | وإن عاقبتم فعاقبوا بمثل ما عوقبتم به ولئن صبرتم لهو خير للصابرين |
| | | ۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي. |
|
2028 | 16 | 127 | واصبر وما صبرك إلا بالله ولا تحزن عليهم ولا تك في ضيق مما يمكرون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ. |
|
2029 | 16 | 128 | إن الله مع الذين اتقوا والذين هم محسنون |
| | | جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي. |
|
2030 | 17 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم سبحان الذي أسرى بعبده ليلا من المسجد الحرام إلى المسجد الأقصى الذي باركنا حوله لنريه من آياتنا إنه هو السميع البصير |
| | | اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. |
|
2031 | 17 | 2 | وآتينا موسى الكتاب وجعلناه هدى لبني إسرائيل ألا تتخذوا من دوني وكيلا |
| | | ۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو. |
|
2032 | 17 | 3 | ذرية من حملنا مع نوح إنه كان عبدا شكورا |
| | | اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو. |
|
2033 | 17 | 4 | وقضينا إلى بني إسرائيل في الكتاب لتفسدن في الأرض مرتين ولتعلن علوا كبيرا |
| | | ۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ. |
|
2034 | 17 | 5 | فإذا جاء وعد أولاهما بعثنا عليكم عبادا لنا أولي بأس شديد فجاسوا خلال الديار وكان وعدا مفعولا |
| | | پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي. |
|