نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
122 | 2 | 115 | ولله المشرق والمغرب فأينما تولوا فثم وجه الله إن الله واسع عليم |
| | | ۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي، ڇو ته الله (مھرباني ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي. |
|
123 | 2 | 116 | وقالوا اتخذ الله ولدا سبحانه بل له ما في السماوات والأرض كل له قانتون |
| | | ۽ (ڪافر) چون ٿا ته الله پنھنجي لاءِ اولاد ورتو آھي. (نه) اھو پاڪ آھي، بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس (مِلڪ) آھي، مڙيئي سندس فرمانبردار آھن. |
|
124 | 2 | 117 | بديع السماوات والأرض وإذا قضى أمرا فإنما يقول له كن فيكون |
| | | آسمانن ۽ زمين جو ٺاھيندڙ آھي، ۽ جڏھن ڪوئي ڪم ڪندو آھي تڏھن رڳو چوندو آھي ته ٿيء ته ٿي پوندو آھي. |
|
125 | 2 | 118 | وقال الذين لا يعلمون لولا يكلمنا الله أو تأتينا آية كذلك قال الذين من قبلهم مثل قولهم تشابهت قلوبهم قد بينا الآيات لقوم يوقنون |
| | | ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي چوندا آھن ته الله اسان سان ڇو نه ڳالھائيندو آھي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ايندي آھي؟ اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ هُئا تن سندن چوڻ وانگر چيو، سندن دليون ھڪ جھڙيون آھن، بيشڪ انھيءَ قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون اٿئون جيڪي ويساھ رکندا آھن. |
|
126 | 2 | 119 | إنا أرسلناك بالحق بشيرا ونذيرا ولا تسأل عن أصحاب الجحيم |
| | | (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي سچ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ (تون) دوزخين بابت نه پڇبين. |
|
127 | 2 | 120 | ولن ترضى عنك اليهود ولا النصارى حتى تتبع ملتهم قل إن هدى الله هو الهدى ولئن اتبعت أهواءهم بعد الذي جاءك من العلم ما لك من الله من ولي ولا نصير |
| | | ۽ (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (اسلام) جي ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر) تو وٽ جو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ به جيڪڏھن (تون) سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو ٿيندو. |
|
128 | 2 | 121 | الذين آتيناهم الكتاب يتلونه حق تلاوته أولئك يؤمنون به ومن يكفر به فأولئك هم الخاسرون |
| | | جن کي ڪتاب ڏنوسون سي ان کي اھڙي طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا سي ئي ڇيئي وارا آھن. |
|
129 | 2 | 122 | يا بني إسرائيل اذكروا نعمتي التي أنعمت عليكم وأني فضلتكم على العالمين |
| | | اي بني اسرائيلؤ اُھي مُنھنجا ڳُڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو. |
|
130 | 2 | 123 | واتقوا يوما لا تجزي نفس عن نفس شيئا ولا يقبل منها عدل ولا تنفعها شفاعة ولا هم ينصرون |
| | | ۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ به نه ٽاري سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي. |
|
131 | 2 | 124 | وإذ ابتلى إبراهيم ربه بكلمات فأتمهن قال إني جاعلك للناس إماما قال ومن ذريتي قال لا ينال عهدي الظالمين |
| | | ۽ جڏھن ابراھيمؑ کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻھن لاءِ امام مُقرّر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن ابراھيم) چيو ته منھنجي اولاد مان به (امام ڪندين؟ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو. |
|