نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
968 | 7 | 14 | قال أنظرني إلى يوم يبعثون |
| | | چيائين ته قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي. |
|
969 | 7 | 15 | قال إنك من المنظرين |
| | | چيائين ته تون مُھلت ڏنلن مان آھين. |
|
970 | 7 | 16 | قال فبما أغويتني لأقعدن لهم صراطك المستقيم |
| | | چيائين انھيءَ سببان جو تو مونکي گمراہ ڪيو (آءٌ ته) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌي واٽ تي ضرور وھندس. |
|
971 | 7 | 17 | ثم لآتينهم من بين أيديهم ومن خلفهم وعن أيمانهم وعن شمائلهم ولا تجد أكثرهم شاكرين |
| | | پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نه لھندين. |
|
972 | 7 | 18 | قال اخرج منها مذءوما مدحورا لمن تبعك منهم لأملأن جهنم منكم أجمعين |
| | | (الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس. |
|
973 | 7 | 19 | ويا آدم اسكن أنت وزوجك الجنة فكلا من حيث شئتما ولا تقربا هذه الشجرة فتكونا من الظالمين |
| | | ۽ (چيوسون ته) اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ. |
|
974 | 7 | 20 | فوسوس لهما الشيطان ليبدي لهما ما ووري عنهما من سوآتهما وقال ما نهاكما ربكما عن هذه الشجرة إلا أن تكونا ملكين أو تكونا من الخالدين |
| | | پوءِ شيطان انھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو ته سندن اوگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ پڌرو ڪري ۽ چيائين ته اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان رڳو ھن ڪري جھليو آھي ته (متان) اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو. |
|
975 | 7 | 21 | وقاسمهما إني لكما لمن الناصحين |
| | | ۽ سُنھن کڻي انھن کي چيائين ته آءٌ (ته) اوھان جو خيرخواہ آھيان. |
|
976 | 7 | 22 | فدلاهما بغرور فلما ذاقا الشجرة بدت لهما سوآتهما وطفقا يخصفان عليهما من ورق الجنة وناداهما ربهما ألم أنهكما عن تلكما الشجرة وأقل لكما إن الشيطان لكما عدو مبين |
| | | پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (ته) سندين اوگھڙ کين پڌري ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن ھڪ ٻئي سان ڳنڍي پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار انھن کي سڏيو (۽ چيائين ته) اوھان کي ھن وڻ کان نه جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟ |
|
977 | 7 | 23 | قالا ربنا ظلمنا أنفسنا وإن لم تغفر لنا وترحمنا لنكونن من الخاسرين |
| | | چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نه ڪندين ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسين. |
|