نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
97 | 2 | 90 | بئسما اشتروا به أنفسهم أن يكفروا بما أنزل الله بغيا أن ينزل الله من فضله على من يشاء من عباده فباءوا بغضب على غضب وللكافرين عذاب مهين |
| | | اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله (ﷴ ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي، پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي. |
|
98 | 2 | 91 | وإذا قيل لهم آمنوا بما أنزل الله قالوا نؤمن بما أنزل علينا ويكفرون بما وراءه وهو الحق مصدقا لما معهم قل فلم تقتلون أنبياء الله من قبل إن كنتم مؤمنين |
| | | ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اھو (قرآن) سچو آھي جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ (به) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ. |
|
99 | 2 | 92 | ولقد جاءكم موسى بالبينات ثم اتخذتم العجل من بعده وأنتم ظالمون |
| | | بيشڪ مُوسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوھين ظالم آھيو. |
|
100 | 2 | 93 | وإذ أخذنا ميثاقكم ورفعنا فوقكم الطور خذوا ما آتيناكم بقوة واسمعوا قالوا سمعنا وعصينا وأشربوا في قلوبهم العجل بكفرهم قل بئسما يأمركم به إيمانكم إن كنتم مؤمنين |
| | | ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طُور (جبل) کڙو ڪيوسون، (چيوسون ته) جيڪو اوھان کي ڏنوسون (يعني توريت) سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو، تڏھن چيائون ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون، ۽ انھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي وئي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي جيڪڏھن اوھين (توريت) جا مڃيندڙ آھيو. |
|
101 | 2 | 94 | قل إن كانت لكم الدار الآخرة عند الله خالصة من دون الناس فتمنوا الموت إن كنتم صادقين |
| | | (اي پيغمبرکين) چؤ ته جيڪڏھن آخرت جو گَھرُ الله وٽ ٻـين ماڻھن کان سواءِ خلاصو اوھان لاءِ آھي ته جيڪڏھن (پنھنجي چوڻ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو. |
|
102 | 2 | 95 | ولن يتمنوه أبدا بما قدمت أيديهم والله عليم بالظالمين |
| | | ۽ جيڪي ڪرتوت سندن ھٿن اڳي موڪليا آھن تن سببان اُن (موت) کي ڪڏھن به نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي (چڱي طرح) ڄاڻندڙ آھي. |
|
103 | 2 | 96 | ولتجدنهم أحرص الناس على حياة ومن الذين أشركوا يود أحدهم لو يعمر ألف سنة وما هو بمزحزحه من العذاب أن يعمر والله بصير بما يعملون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) انھن (يھودين) کي جيئڻ تي ماڻھن ۽ مشرڪن کان وڌيڪ حرص وارو لھندين، منجھائن ھر ڪو گھرندو آھي ته جيڪر ھزار ورہيه جياريو وڃي ھا، ۽ اھو (ايڏو جيئڻ) کيس عذاب کان پري ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڏسندڙ آھي. |
|
104 | 2 | 97 | قل من كان عدوا لجبريل فإنه نزله على قلبك بإذن الله مصدقا لما بين يديه وهدى وبشرى للمؤمنين |
| | | (اي پيغمبرکين) چئو ته جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آھي) ڇوته جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنھنجي دل تي لاٿو آھي جيڪي کانئس اڳي آھي تنھن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي. |
|
105 | 2 | 98 | من كان عدوا لله وملائكته ورسله وجبريل وميكال فإن الله عدو للكافرين |
| | | جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻبو ته بيشڪ الله (به اھڙن) ڪافرن جو ويري آھي. |
|
106 | 2 | 99 | ولقد أنزلنا إليك آيات بينات وما يكفر بها إلا الفاسقون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) بي شڪ تو ڏانھن صاف آيتون موڪليون سون، ۽ بي دينن کانسواءِ ڪوبه اُن جو منڪر نه ٿيندو. |
|