بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
96289ولما جاءهم كتاب من عند الله مصدق لما معهم وكانوا من قبل يستفتحون على الذين كفروا فلما جاءهم ما عرفوا كفروا به فلعنة الله على الكافرين
۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) انھي (توريت) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ (ھن کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون (دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي.
97290بئسما اشتروا به أنفسهم أن يكفروا بما أنزل الله بغيا أن ينزل الله من فضله على من يشاء من عباده فباءوا بغضب على غضب وللكافرين عذاب مهين
اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله (ﷴ ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي، پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.
98291وإذا قيل لهم آمنوا بما أنزل الله قالوا نؤمن بما أنزل علينا ويكفرون بما وراءه وهو الحق مصدقا لما معهم قل فلم تقتلون أنبياء الله من قبل إن كنتم مؤمنين
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اھو (قرآن) سچو آھي جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ (به) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ.
99292ولقد جاءكم موسى بالبينات ثم اتخذتم العجل من بعده وأنتم ظالمون
بيشڪ مُوسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوھين ظالم آھيو.
100293وإذ أخذنا ميثاقكم ورفعنا فوقكم الطور خذوا ما آتيناكم بقوة واسمعوا قالوا سمعنا وعصينا وأشربوا في قلوبهم العجل بكفرهم قل بئسما يأمركم به إيمانكم إن كنتم مؤمنين
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طُور (جبل) کڙو ڪيوسون، (چيوسون ته) جيڪو اوھان کي ڏنوسون (يعني توريت) سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو، تڏھن چيائون ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون، ۽ انھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي وئي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي جيڪڏھن اوھين (توريت) جا مڃيندڙ آھيو.
101294قل إن كانت لكم الدار الآخرة عند الله خالصة من دون الناس فتمنوا الموت إن كنتم صادقين
(اي پيغمبرکين) چؤ ته جيڪڏھن آخرت جو گَھرُ الله وٽ ٻـين ماڻھن کان سواءِ خلاصو اوھان لاءِ آھي ته جيڪڏھن (پنھنجي چوڻ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.
102295ولن يتمنوه أبدا بما قدمت أيديهم والله عليم بالظالمين
۽ جيڪي ڪرتوت سندن ھٿن اڳي موڪليا آھن تن سببان اُن (موت) کي ڪڏھن به نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي (چڱي طرح) ڄاڻندڙ آھي.
103296ولتجدنهم أحرص الناس على حياة ومن الذين أشركوا يود أحدهم لو يعمر ألف سنة وما هو بمزحزحه من العذاب أن يعمر والله بصير بما يعملون
۽ (اي پيغمبر) انھن (يھودين) کي جيئڻ تي ماڻھن ۽ مشرڪن کان وڌيڪ حرص وارو لھندين، منجھائن ھر ڪو گھرندو آھي ته جيڪر ھزار ورہيه جياريو وڃي ھا، ۽ اھو (ايڏو جيئڻ) کيس عذاب کان پري ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.
104297قل من كان عدوا لجبريل فإنه نزله على قلبك بإذن الله مصدقا لما بين يديه وهدى وبشرى للمؤمنين
(اي پيغمبرکين) چئو ته جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آھي) ڇوته جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنھنجي دل تي لاٿو آھي جيڪي کانئس اڳي آھي تنھن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.
105298من كان عدوا لله وملائكته ورسله وجبريل وميكال فإن الله عدو للكافرين
جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻبو ته بيشڪ الله (به اھڙن) ڪافرن جو ويري آھي.


0 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

128411411974460509354205581475331466101