بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
9406151قل تعالوا أتل ما حرم ربكم عليكم ألا تشركوا به شيئا وبالوالدين إحسانا ولا تقتلوا أولادكم من إملاق نحن نرزقكم وإياهم ولا تقربوا الفواحش ما ظهر منها وما بطن ولا تقتلوا النفس التي حرم الله إلا بالحق ذلكم وصاكم به لعلكم تعقلون
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جي پالڻھار اوھان تي جيڪي حرام ڪيو آھي سو اچو ته آءٌ پڙھي ٻُڌايان (اُھو ھيء آھي ته) اوھين ڪنھن شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو، ۽ اوھين پنھنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُھو، اسين اوھانکي (به) ۽ خاص انھن کي (به) روزي ڏيندا آھيون، ۽ بي حيائي جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي تنھن (سڀ) کي (اوھين) ويجھا نه وڃو، ۽ نڪي (اھڙي) ماڻھوءَ کي ماريو جنھنجو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو ھجي، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو الله اوھان کي ڏنو آھي ته اوھين سمجھو.
9416152ولا تقربوا مال اليتيم إلا بالتي هي أحسن حتى يبلغ أشده وأوفوا الكيل والميزان بالقسط لا نكلف نفسا إلا وسعها وإذا قلتم فاعدلوا ولو كان ذا قربى وبعهد الله أوفوا ذلكم وصاكم به لعلكم تذكرون
۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي ھجي تنھن کانسواءِ ٻيءَ طرح سان يتيم جي مال کي ويجھا نه وڃو جيسين اُھو پنھنجي جوانيءَ کي پھچي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پُوري ڏيو وٺو، اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان (وڌيڪ) تڪليف نه ٿا ڏيون، ۽ جڏھن اوھين (پاڻ ۾) ڳالھايو تڏھن انصاف سان ھلو جيتوڻيڪ مائٽي وارو ھجي، ۽ الله جو انجام پاڙيو، اھو (حُڪم) اوھان کي ڏنو اٿس ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
9426153وأن هذا صراطي مستقيما فاتبعوه ولا تتبعوا السبل فتفرق بكم عن سبيله ذلكم وصاكم به لعلكم تتقون
۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.
9436154ثم آتينا موسى الكتاب تماما على الذي أحسن وتفصيلا لكل شيء وهدى ورحمة لعلهم بلقاء ربهم يؤمنون
وري مُوسىٰ کي ڪتاب اُنھيءَ ماڻھو تي پنھنجي نعمت جي پوري ڪرڻ لاءِ جو ڀلارو ھجي ۽ سڀڪنھن شيء جي چٽائيءَ لاءِ ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ لاءِ ڏنوسون ته مانَ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ديدار کي مڃين.
9446155وهذا كتاب أنزلناه مبارك فاتبعوه واتقوا لعلكم ترحمون
ھيءُ برڪت وارو ڪتاب (يعني قرآن) لاٿوسون تنھنڪري ان جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
9456156أن تقولوا إنما أنزل الكتاب على طائفتين من قبلنا وإن كنا عن دراستهم لغافلين
(ھن لاءِ لاٿوسون ته اي ڪافرؤ) متان چوڻ لڳو ته اسان کان اڳ وارين ٻن ٽولين کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) تي ڪتاب نه لاٿو ويو آھي، ۽ اسين سندس پڙھي پڙھائي کان بيخبر ھئاسون.
9466157أو تقولوا لو أنا أنزل علينا الكتاب لكنا أهدى منهم فقد جاءكم بينة من ربكم وهدى ورحمة فمن أظلم ممن كذب بآيات الله وصدف عنها سنجزي الذين يصدفون عن آياتنا سوء العذاب بما كانوا يصدفون
يا چوڻ لڳو ته جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا ته (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھوا.
9476158هل ينظرون إلا أن تأتيهم الملائكة أو يأتي ربك أو يأتي بعض آيات ربك يوم يأتي بعض آيات ربك لا ينفع نفسا إيمانها لم تكن آمنت من قبل أو كسبت في إيمانها خيرا قل انتظروا إنا منتظرون
ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته وٽن ملائڪ اچن يا تنھنجو پالڻھار اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، جنھن ڏينھن تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اينديون (تنھن ڏينھن) اھڙي ڪنھن ماڻھو کي سندس ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو جنھن اڳ ايمان نه آندو ھوندو يا پنھنجي ايمان ۾ چڱائي نه ڪئي ھوندي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته انتظار ڪريو اسين به انتظار ڪندڙ آھيون.
9486159إن الذين فرقوا دينهم وكانوا شيعا لست منهم في شيء إنما أمرهم إلى الله ثم ينبئهم بما كانوا يفعلون
جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نه آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.
9496160من جاء بالحسنة فله عشر أمثالها ومن جاء بالسيئة فلا يجزى إلا مثلها وهم لا يظلمون
جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نه ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.


0 ... 83.9 84.9 85.9 86.9 87.9 88.9 89.9 90.9 91.9 92.9 94.9 95.9 96.9 97.9 98.9 99.9 100.9 101.9 102.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

43805617735379933184837445111505854607