بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
9216132ولكل درجات مما عملوا وما ربك بغافل عما يعملون
۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان انھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.
9226133وربك الغني ذو الرحمة إن يشأ يذهبكم ويستخلف من بعدكم ما يشاء كما أنشأكم من ذرية قوم آخرين
۽ تنھنجو پالڻھار بي پرواہ ٻاجھ وارو آھي، جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ اوھان کان پوءِ جنھن لاءِ گھري تنھن کي (اُن ھنڌ) پيڙھيءَ تي وھاري جئن اوھان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين.
9236134إن ما توعدون لآت وما أنتم بمعجزين
بيشڪ جيڪو انجام اوھان سان ڪجي ٿو سو ضرور اچڻو آھي اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.
9246135قل يا قوم اعملوا على مكانتكم إني عامل فسوف تعلمون من تكون له عاقبة الدار إنه لا يفلح الظالمون
(اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي ھنڌ عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته آخرت ۾ ڪنھن جي عاقبت چڱي ھوندي، سچ آھي ته ظالم نه ڇٽندا.
9256136وجعلوا لله مما ذرأ من الحرث والأنعام نصيبا فقالوا هذا لله بزعمهم وهذا لشركائنا فما كان لشركائهم فلا يصل إلى الله وما كان لله فهو يصل إلى شركائهم ساء ما يحكمون
۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ھڪ حصّو (ڪافر) الله جو مقرّر ڪندا آُھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن ته ھيءُ الله جو آھي ۽ ھي اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪا (شيء) سندن بتن جي ھوندي آھي سا الله وٽ پھچي نه سگھندي آھي، ۽ جيڪا (شيء) الله جي ھوندي آھي سا سندن بتن ڏانھن وڃي سگھندي آھي، جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
9266137وكذلك زين لكثير من المشركين قتل أولادهم شركاؤهم ليردوهم وليلبسوا عليهم دينهم ولو شاء الله ما فعلوه فذرهم وما يفترون
۽ اھڙي طرح گھڻن مشرڪن لاءِ سندن شريڪن (جن کي خدا ڪري مڃيندا آھن) پنھنجي اولاد جو مارڻ سينگاريو آھي ته کين ھلاڪ ڪن ۽ سندن دين مٿن رلائي ملائي ڇڏين، ۽ جي الله گھُري ھا ته اُھو نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن کي ڇڏي ڏي.
9276138وقالوا هذه أنعام وحرث حجر لا يطعمها إلا من نشاء بزعمهم وأنعام حرمت ظهورها وأنعام لا يذكرون اسم الله عليها افتراء عليه سيجزيهم بما كانوا يفترون
۽ پنھنجي خيال سان ھي (به) چوندا آھن ته ھيءُ ڍور ۽ پوک حرام آھن جنھن لاءِ گھرون تنھن کانسواءِ ان کي ڪوئي نه کائي ۽ (چوندا آھن) ته ھڪڙن ڍورن جي پُٺي (سواريءَ لاءِ) حرام ڪئي ويئي آھي ۽ (ٻـين) ڍورن تي (ذبح وقت) الله جو نالو ياد نه ڪندا آھن (اھي ڳالھيون) الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان (ڪندا آھن) جيڪي ٺاہ ٺاھيندا آھن تنھنجي کين سگھو سزا ڏيندو.
9286139وقالوا ما في بطون هذه الأنعام خالصة لذكورنا ومحرم على أزواجنا وإن يكن ميتة فهم فيه شركاء سيجزيهم وصفهم إنه حكيم عليم
۽ چوندا آھن ته جيڪي ھِنن ڍورن جي پيٽن ۾ آھي سو خلاصو اسان جي مڙسن لاءِ آھي ۽ اسان جي زالن تي حرام ڪيل آھي، ۽ جيڪڏھن مُئل ھوندو ته اُھي (سڀ) اُن ۾ ڀائيوار آھن، سندن تقرير جي کين سگھي سزا ڏيندو، بيشڪ الله حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
9296140قد خسر الذين قتلوا أولادهم سفها بغير علم وحرموا ما رزقهم الله افتراء على الله قد ضلوا وما كانوا مهتدين
جن پنھنجي اولاد کي بي سمجھائي ڪري ڄاڻپ کانسواءِ ڪُٺو ۽ جيڪي الله سندن رزق ڪيو سو الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان حرام ڪيائون سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، (اُھي) بيشڪ ڀُلا ۽ ھدايت وارا نه آھن.
9306141وهو الذي أنشأ جنات معروشات وغير معروشات والنخل والزرع مختلفا أكله والزيتون والرمان متشابها وغير متشابه كلوا من ثمره إذا أثمر وآتوا حقه يوم حصاده ولا تسرفوا إنه لا يحب المسرفين
۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇَٽئي وارا ۽ ريء ڇَٽئي وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦر جھلين تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.


0 ... 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 93 94 95 96 97 98 99 100 101 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

290354086271567301827064037230041935118