نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
912 | 6 | 123 | وكذلك جعلنا في كل قرية أكابر مجرميها ليمكروا فيها وما يمكرون إلا بأنفسهم وما يشعرون |
| | | ۽ اھڙي طرح ھر ڳوٺ ۾ اُنھي (ڳوٺ) جا وڏيرا ھن لاءِ بدڪار ڪياسون ته اُن (ڳوٺ) ۾ فساد وجھندا رھن، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ فساد نه ڪندا آھن ۽ نه ڄاڻندا آھن. |
|
913 | 6 | 124 | وإذا جاءتهم آية قالوا لن نؤمن حتى نؤتى مثل ما أوتي رسل الله الله أعلم حيث يجعل رسالته سيصيب الذين أجرموا صغار عند الله وعذاب شديد بما كانوا يمكرون |
| | | ۽ جڏھن وٽن ڪا آيت ايندي آھي (ته) چوندا آھن ته جھڙي (پيغمبري) الله جي پيغمبرن کي ڏني وئي آھي تھڙي جيستائين اسان کي (نه) ڏني ويندي تيسين ڪڏھن نه مڃينداسون، الله جنھن ھنڌ پنھنجي پيغمبري کي موڪلي (سو ھنڌ) چڱو ڄاڻندڙ آھي، جن ڏوہ ڪيو تن کي الله وٽان خواري ۽ سخت عذاب انھي ڪري سگھو پھچندو جو شرارتون ڪندا آھن. |
|
914 | 6 | 125 | فمن يرد الله أن يهديه يشرح صدره للإسلام ومن يرد أن يضله يجعل صدره ضيقا حرجا كأنما يصعد في السماء كذلك يجعل الله الرجس على الذين لا يؤمنون |
| | | پوءِ الله جنھن کي گھرندو آھي ته ھدايت ڪري تنھن جو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي، ۽ جنھن کي ڀلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت سوڙھو ڪندو آھي جو ڄڻڪ آسمان تي چڙھي ٿو، جيڪي نه مڃيندا آھن تن تي الله اھڙي پليتي رکندو آھي. |
|
915 | 6 | 126 | وهذا صراط ربك مستقيما قد فصلنا الآيات لقوم يذكرون |
| | | ۽ تنھنجي پالڻھار جي اِھا سِڌي واٽ آھي، بيشڪ اسان نشانيون انھيءَ قوم لاءِ کولي بيان ڪيون آھن جي نصيحت مڃيندا آھن. |
|
916 | 6 | 127 | لهم دار السلام عند ربهم وهو وليهم بما كانوا يعملون |
| | | اُنھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھي ۽ اُھو سندن سنڀاليندڙ آھي (ھيءُ سڀ) انھيءَ ڪري (آھي) جو (چڱا) ڪم ڪندا ھوا. |
|
917 | 6 | 128 | ويوم يحشرهم جميعا يا معشر الجن قد استكثرتم من الإنس وقال أولياؤهم من الإنس ربنا استمتع بعضنا ببعض وبلغنا أجلنا الذي أجلت لنا قال النار مثواكم خالدين فيها إلا ما شاء الله إن ربك حكيم عليم |
| | | ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو، (چوندو) ته اي جنن جون ٽوليون بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ انھي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کي پُھتاسون جيڪا تون اسان لاءِ ٺھرائي، ھيءُ (الله) چوندو ته اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي ان ۾ ھميشہ رھڻ وارا ھوندؤ مگر جيڪي خُدا گھريو، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي. |
|
918 | 6 | 129 | وكذلك نولي بعض الظالمين بعضا بما كانوا يكسبون |
| | | ۽ اھڙي طرح ظالمن مان ڪن کي ڪن مان جيڪي ڪندا آھن تنھن جي (شامت) سببان پاڻ ۾ گڏينداسون. |
|
919 | 6 | 130 | يا معشر الجن والإنس ألم يأتكم رسل منكم يقصون عليكم آياتي وينذرونكم لقاء يومكم هذا قالوا شهدنا على أنفسنا وغرتهم الحياة الدنيا وشهدوا على أنفسهم أنهم كانوا كافرين |
| | | (۽) اي جنّن ۽ ماڻھن جون ٽوليون اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نه آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا ته پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون ته پاڻ ڪافر ھوا. |
|
920 | 6 | 131 | ذلك أن لم يكن ربك مهلك القرى بظلم وأهلها غافلون |
| | | اھو (پيغمبر جو موڪلڻ) ھن سببان آھي ته تنھنجو پالڻھار ڪنھن ڳوٺ کي ھن حالت ۾ ظُلم سان ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نه آھي جو سندس رھاڪو بيخبر ھجن. |
|
921 | 6 | 132 | ولكل درجات مما عملوا وما ربك بغافل عما يعملون |
| | | ۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان انھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي. |
|