نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
900 | 6 | 111 | ولو أننا نزلنا إليهم الملائكة وكلمهم الموتى وحشرنا عليهم كل شيء قبلا ما كانوا ليؤمنوا إلا أن يشاء الله ولكن أكثرهم يجهلون |
| | | ۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا. |
|
901 | 6 | 112 | وكذلك جعلنا لكل نبي عدوا شياطين الإنس والجن يوحي بعضهم إلى بعض زخرف القول غرورا ولو شاء ربك ما فعلوه فذرهم وما يفترون |
| | | ۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (ته پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي مُلَمَّعۡ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا ته اھو ڪم نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاہ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي (ڏي). |
|
902 | 6 | 113 | ولتصغى إليه أفئدة الذين لا يؤمنون بالآخرة وليرضوه وليقترفوا ما هم مقترفون |
| | | ۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) ته جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ ان کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) ته اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن. |
|
903 | 6 | 114 | أفغير الله أبتغي حكما وهو الذي أنزل إليكم الكتاب مفصلا والذين آتيناهم الكتاب يعلمون أنه منزل من ربك بالحق فلا تكونن من الممترين |
| | | (اي پيغمبر چؤ ته) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱي طرح) ڄاڻندا آھن ته اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نه ٿج. |
|
904 | 6 | 115 | وتمت كلمت ربك صدقا وعدلا لا مبدل لكلماته وهو السميع العليم |
| | | ۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
905 | 6 | 116 | وإن تطع أكثر من في الأرض يضلوك عن سبيل الله إن يتبعون إلا الظن وإن هم إلا يخرصون |
| | | ۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين ته توکي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن. |
|
906 | 6 | 117 | إن ربك هو أعلم من يضل عن سبيله وهو أعلم بالمهتدين |
| | | بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي جيڪي سندس واٽ کان ڀُلا، ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي. |
|
907 | 6 | 118 | فكلوا مما ذكر اسم الله عليه إن كنتم بآياته مؤمنين |
| | | پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو ته جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو. |
|
908 | 6 | 119 | وما لكم ألا تأكلوا مما ذكر اسم الله عليه وقد فصل لكم ما حرم عليكم إلا ما اضطررتم إليه وإن كثيرا ليضلون بأهوائهم بغير علم إن ربك هو أعلم بالمعتدين |
| | | ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀلائين ٿا، ڇوته تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. |
|
909 | 6 | 120 | وذروا ظاهر الإثم وباطنه إن الذين يكسبون الإثم سيجزون بما كانوا يقترفون |
| | | ۽ ظاھري گناہ ۽ باطني گناہ (سڀ طرح) ڇڏي ڏيو، جيڪي گناہ ڪندا آھن سي جيڪي ڪن ٿا تنھن سببان سگھو سزا ڏبين. |
|