نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
891 | 6 | 102 | ذلكم الله ربكم لا إله إلا هو خالق كل شيء فاعبدوه وهو على كل شيء وكيل |
| | | اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سڀڪنھن شي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي سنڀاليندڙ آھي. |
|
892 | 6 | 103 | لا تدركه الأبصار وهو يدرك الأبصار وهو اللطيف الخبير |
| | | (دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي. |
|
893 | 6 | 104 | قد جاءكم بصائر من ربكم فمن أبصر فلنفسه ومن عمي فعليها وما أنا عليكم بحفيظ |
| | | بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفع) ڪمايو، ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي ان جو نقصان آھي، ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان. |
|
894 | 6 | 105 | وكذلك نصرف الآيات وليقولوا درست ولنبينه لقوم يعلمون |
| | | ۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان چون ته تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ ته ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا. |
|
895 | 6 | 106 | اتبع ما أوحي إليك من ربك لا إله إلا هو وأعرض عن المشركين |
| | | (اي پيغمبر) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪيو ويو آھي تنھنجي تابعداري ڪر، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ. |
|
896 | 6 | 107 | ولو شاء الله ما أشركوا وما جعلناك عليهم حفيظا وما أنت عليهم بوكيل |
| | | ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته شرڪ نه ڪن ھا، ۽ توکي مٿن نگھبان نه ڪيو اٿئون، ۽ نڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين. |
|
897 | 6 | 108 | ولا تسبوا الذين يدعون من دون الله فيسبوا الله عدوا بغير علم كذلك زينا لكل أمة عملهم ثم إلى ربهم مرجعهم فينبئهم بما كانوا يعملون |
| | | (اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو. |
|
898 | 6 | 109 | وأقسموا بالله جهد أيمانهم لئن جاءتهم آية ليؤمنن بها قل إنما الآيات عند الله وما يشعركم أنها إذا جاءت لا يؤمنون |
| | | ۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟ |
|
899 | 6 | 110 | ونقلب أفئدتهم وأبصارهم كما لم يؤمنوا به أول مرة ونذرهم في طغيانهم يعمهون |
| | | ۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جئن ان کي پھرين ڀيري نه مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھي ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون. |
|
900 | 6 | 111 | ولو أننا نزلنا إليهم الملائكة وكلمهم الموتى وحشرنا عليهم كل شيء قبلا ما كانوا ليؤمنوا إلا أن يشاء الله ولكن أكثرهم يجهلون |
| | | ۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا. |
|