بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
865676فلما جن عليه الليل رأى كوكبا قال هذا ربي فلما أفل قال لا أحب الآفلين
پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (ته آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته لھندڙن کي پيارو نه ٿو رکان.
866677فلما رأى القمر بازغا قال هذا ربي فلما أفل قال لئن لم يهدني ربي لأكونن من القوم الضالين
پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نه ڪندو ته آءٌ ضرور گمراہ قوم مان ٿيندس.
867678فلما رأى الشمس بازغة قال هذا ربي هذا أكبر فلما أفلت قال يا قوم إني بريء مما تشركون
پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (ته) چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھي وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين اي منھنجي قوم جن کي اوھين خُدا سان شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.
868679إني وجهت وجهي للذي فطر السماوات والأرض حنيفا وما أنا من المشركين
مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي انھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نه آھيان.
869680وحاجه قومه قال أتحاجوني في الله وقد هدان ولا أخاف ما تشركون به إلا أن يشاء ربي شيئا وسع ربي كل شيء علما أفلا تتذكرون
۽ سندس قوم ساڻس تڪرار ڪيو، چيائين ته اوھين الله بابت مون سان ھن حالت ۾ ڇوٿا تڪرار ڪيو جو بيشڪ مونکي سڌي رستي لاتو اٿس جنھن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪين ڊڄندس پر منھنجي پالڻھار جو ڪجھ (ڪرڻ) گھريو (سو ٿيڻو آھي)، سڀڪا شيء منھنجي پالڻھار جي عِلم ۾ سمائي آھي، پوءِ اوھين ڇونه نصيحت مڃيندا آھيو.
870681وكيف أخاف ما أشركتم ولا تخافون أنكم أشركتم بالله ما لم ينزل به عليكم سلطانا فأي الفريقين أحق بالأمن إن كنتم تعلمون
۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪئن ڊڄندس ۽ (اوھين) ھن کان نه ٿا ڊڄو اوھين الله ساڻ اھو شريڪ ڪندا آھيو جنھن جي اوھان وٽ ڪا حُجّت لاٿل نه آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو (ته ٻڌايو ته) ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي امن جي وڌيڪ حقدار آھي؟
871682الذين آمنوا ولم يلبسوا إيمانهم بظلم أولئك لهم الأمن وهم مهتدون
جن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ڪفر سان نه وچڙايو اُنھن لاءِ امن آھي ۽ اُھي ھدايت وارا آھن.
872683وتلك حجتنا آتيناها إبراهيم على قومه نرفع درجات من نشاء إن ربك حكيم عليم
۽ ھي اسان جو دليل آھي جو ابراھيم کي سندس قوم تي (مقابلي لاءِ) ڏنوسون، جنھن کي گھرندا آھيون تنھنکي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
873684ووهبنا له إسحاق ويعقوب كلا هدينا ونوحا هدينا من قبل ومن ذريته داوود وسليمان وأيوب ويوسف وموسى وهارون وكذلك نجزي المحسنين
۽ ابراھيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسون، سڀني کي ھدايت ڪئي سون، ۽ اُن کان اڳ نُوح کي ھدايت ڪئي سون ۽ سندس اولاد مان داؤد کي ۽ سُلَيمان ۽ اَيُّوب ۽ يُوسف ۽ مُوسىٰ ۽ ھارُون کي (ھدايت ڪئي سون)، ۽ اھڙي طرح اسين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.
874685وزكريا ويحيى وعيسى وإلياس كل من الصالحين
۽ ذڪريّا ۽ يَحۡيىٰ ۽ عيسىٰ ۽ الياس کي به، جو ھر ھڪ ڀلارن مان ھو.


0 ... 76.4 77.4 78.4 79.4 80.4 81.4 82.4 83.4 84.4 85.4 87.4 88.4 89.4 90.4 91.4 92.4 93.4 94.4 95.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

5459303517875522555045151318233146102489