نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
87 | 2 | 80 | وقالوا لن تمسنا النار إلا أياما معدودة قل أتخذتم عند الله عهدا فلن يخلف الله عهده أم تقولون على الله ما لا تعلمون |
| | | ۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي. اي (پيغمبرکين) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائيندا آھيو. |
|
88 | 2 | 81 | بلى من كسب سيئة وأحاطت به خطيئته فأولئك أصحاب النار هم فيها خالدون |
| | | ھائو جن مدائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي وئي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
|
89 | 2 | 82 | والذين آمنوا وعملوا الصالحات أولئك أصحاب الجنة هم فيها خالدون |
| | | ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
|
90 | 2 | 83 | وإذ أخذنا ميثاق بني إسرائيل لا تعبدون إلا الله وبالوالدين إحسانا وذي القربى واليتامى والمساكين وقولوا للناس حسنا وأقيموا الصلاة وآتوا الزكاة ثم توليتم إلا قليلا منكم وأنتم معرضون |
| | | ۽ جڏھن بني اسرائيلن کان انجام ورتوسين ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ ۽ مِٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻھن سان مِٺو ڳالھايو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو، وري اوھان منجھان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦِري ويؤ ۽ اوھين منھن موڙيندا ھيؤ. |
|
91 | 2 | 84 | وإذ أخذنا ميثاقكم لا تسفكون دماءكم ولا تخرجون أنفسكم من دياركم ثم أقررتم وأنتم تشهدون |
| | | ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ته پنھنجا خون نه ڪندؤ ۽ نڪي پنھنجي قوم کي پنھنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ باسيوَ ۽ (ان جا) اوھين گواھ آھيو. |
|
92 | 2 | 85 | ثم أنتم هؤلاء تقتلون أنفسكم وتخرجون فريقا منكم من ديارهم تظاهرون عليهم بالإثم والعدوان وإن يأتوكم أسارى تفادوهم وهو محرم عليكم إخراجهم أفتؤمنون ببعض الكتاب وتكفرون ببعض فما جزاء من يفعل ذلك منكم إلا خزي في الحياة الدنيا ويوم القيامة يردون إلى أشد العذاب وما الله بغافل عما تعملون |
| | | (تنھن کان) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجي قوم کي ڪُھو ٿا ۽ پنھنجي قوم مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاء ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي مدد ڏئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا، ۽ جيڪڏھن (ڪي) باندي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن ته چَٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو ھن ھوندي جو اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي، پوءِ ڇاکون ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نه مڃيندا آھيو؟ پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کانسواءِ ڪانه آھي، ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي. |
|
93 | 2 | 86 | أولئك الذين اشتروا الحياة الدنيا بالآخرة فلا يخفف عنهم العذاب ولا هم ينصرون |
| | | اِھي اُھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي ڳڌي، پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي. |
|
94 | 2 | 87 | ولقد آتينا موسى الكتاب وقفينا من بعده بالرسل وآتينا عيسى ابن مريم البينات وأيدناه بروح القدس أفكلما جاءكم رسول بما لا تهوى أنفسكم استكبرتم ففريقا كذبتم وفريقا تقتلون |
| | | ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ اُن کان پوءِ (ٻيا) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون، ۽ عيسىٰ پٽ مريم کي پڌرا مُعجزا ڏناسون ۽ کين پاڪ روح سان مدد ڏني سون، پوءِ جڏھن به ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حُڪم آندا ٿي جن کي اوھان جي دلين نٿي گھريو تڏھن اوھان (ان جي مڃڻ کان) وڏائي ڪئي، پوءِ (پيغمبرن جي) ھڪ ٽولي کي ڪُوڙو ڄاتوَ، ۽ ٻئي کي ڪُٺَوَ. |
|
95 | 2 | 88 | وقالوا قلوبنا غلف بل لعنهم الله بكفرهم فقليلا ما يؤمنون |
| | | ۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ڍڪيل آھن، (نه) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورا ايمان آڻيندا. |
|
96 | 2 | 89 | ولما جاءهم كتاب من عند الله مصدق لما معهم وكانوا من قبل يستفتحون على الذين كفروا فلما جاءهم ما عرفوا كفروا به فلعنة الله على الكافرين |
| | | ۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) انھي (توريت) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ (ھن کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون (دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي. |
|