نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
840 | 6 | 51 | وأنذر به الذين يخافون أن يحشروا إلى ربهم ليس لهم من دونه ولي ولا شفيع لعلهم يتقون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ انھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن. |
|
841 | 6 | 52 | ولا تطرد الذين يدعون ربهم بالغداة والعشي يريدون وجهه ما عليك من حسابهم من شيء وما من حسابك عليهم من شيء فتطردهم فتكون من الظالمين |
| | | ۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نه تَڙ، توتي سندن ڪجھ به حساب نه آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ به حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (جي کين تڙيندين) ته نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿيندين. |
|
842 | 6 | 53 | وكذلك فتنا بعضهم ببعض ليقولوا أهؤلاء من الله عليهم من بيننا أليس الله بأعلم بالشاكرين |
| | | ۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون ته چون ته ھيءَ ٽولي اُھا آھي ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي، الله شڪر ڪندڙن کي نه ڄاڻندو آھي ڇا؟ |
|
843 | 6 | 54 | وإذا جاءك الذين يؤمنون بآياتنا فقل سلام عليكم كتب ربكم على نفسه الرحمة أنه من عمل منكم سوءا بجهالة ثم تاب من بعده وأصلح فأنه غفور رحيم |
| | | ۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن ته (انھن کي) چؤ ته اَلسَّلاَمُ عَلَيۡڪُمۡ اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي ته اوھان مان جيڪو بي علمي سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ سُڌريو ته اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي. |
|
844 | 6 | 55 | وكذلك نفصل الآيات ولتستبين سبيل المجرمين |
| | | ۽ اھڙي طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (ته عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) ته گنھگارن جو رستو (ماڻھن کي) پڌرو ٿئي. |
|
845 | 6 | 56 | قل إني نهيت أن أعبد الذين تدعون من دون الله قل لا أتبع أهواءكم قد ضللت إذا وما أنا من المهتدين |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چؤ ته آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) بيشڪ اُنھي مھل گمراہ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نه ھوندس. |
|
846 | 6 | 57 | قل إني على بينة من ربي وكذبتم به ما عندي ما تستعجلون به إن الحكم إلا لله يقص الحق وهو خير الفاصلين |
| | | چؤ ته آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حُجّت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شيء جي اٻھر ڪندا آھيو سا مون وٽ نه آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نه آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آھي. |
|
847 | 6 | 58 | قل لو أن عندي ما تستعجلون به لقضي الأمر بيني وبينكم والله أعلم بالظالمين |
| | | چؤ ته جنھن جي اٻھر ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا ته منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. |
|
848 | 6 | 59 | وعنده مفاتح الغيب لا يعلمها إلا هو ويعلم ما في البر والبحر وما تسقط من ورقة إلا يعلمها ولا حبة في ظلمات الأرض ولا رطب ولا يابس إلا في كتاب مبين |
| | | ۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪوبه) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (به اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نه ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شيء پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي. |
|
849 | 6 | 60 | وهو الذي يتوفاكم بالليل ويعلم ما جرحتم بالنهار ثم يبعثكم فيه ليقضى أجل مسمى ثم إليه مرجعكم ثم ينبئكم بما كنتم تعملون |
| | | ۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو. |
|