نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
830 | 6 | 41 | بل إياه تدعون فيكشف ما تدعون إليه إن شاء وتنسون ما تشركون |
| | | (نه!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا پوءِ جيڪڏھن گھري ته جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو. |
|
831 | 6 | 42 | ولقد أرسلنا إلى أمم من قبلك فأخذناهم بالبأساء والضراء لعلهم يتضرعون |
| | | ۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻين) اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ (اُنھن جي بي فرمانيءَ سبب) کين اسان سختي ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مانَ اُھي زاري ڪن. |
|
832 | 6 | 43 | فلولا إذ جاءهم بأسنا تضرعوا ولكن قست قلوبهم وزين لهم الشيطان ما كانوا يعملون |
| | | پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب وٽن پُھتو ٿي (تنھن مھل) ڇونه ٿي زاري ڪيائون؟ پر سندن دليون سخت ٿي ويون ھيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا ھئا سي شيطان انھن لاءِ سينگاريا. |
|
833 | 6 | 44 | فلما نسوا ما ذكروا به فتحنا عليهم أبواب كل شيء حتى إذا فرحوا بما أوتوا أخذناهم بغتة فإذا هم مبلسون |
| | | پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شيء جا دروازا کولياسون، ايتريقدر جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (ته) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نا اُميد ٿيا. |
|
834 | 6 | 45 | فقطع دابر القوم الذين ظلموا والحمد لله رب العالمين |
| | | پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي، ۽ سڀ ساراہ الله جھانن جي پالڻھار کي جڳائي. |
|
835 | 6 | 46 | قل أرأيتم إن أخذ الله سمعكم وأبصاركم وختم على قلوبكم من إله غير الله يأتيكم به انظر كيف نصرف الآيات ثم هم يصدفون |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏسو ته جيڪڏھن الله اوھان جا ڪن ۽ اوھان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوھان جي دلين تي مُھر ھڻي ته انھيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خُدا اوھان کي اُھو ڏيندو؟ ڏس ته ڪھڙا دليل بيان ڪريون ٿا وري به اُھي پاسو ڪندا آھن. |
|
836 | 6 | 47 | قل أرأيتكم إن أتاكم عذاب الله بغتة أو جهرة هل يهلك إلا القوم الظالمون |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين خبر ڏيو ته جيڪڏھن الله جو عذاب اوچتو يا پڌرو اوھان کي پُھچي ته ظالم قوم کانسواءِ (ٻيو ڪو) ھلاڪ ٿيندو ڇا؟ |
|
837 | 6 | 48 | وما نرسل المرسلين إلا مبشرين ومنذرين فمن آمن وأصلح فلا خوف عليهم ولا هم يحزنون |
| | | ۽ پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ئي ڪري موڪليوسون، پوءِ جن مڃيو ۽ پاڻ سڌاريو تن کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. |
|
838 | 6 | 49 | والذين كذبوا بآياتنا يمسهم العذاب بما كانوا يفسقون |
| | | ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي انھيءَ سببان جو بدڪاري ڪندا ھئا عذاب پھچندو. |
|
839 | 6 | 50 | قل لا أقول لكم عندي خزائن الله ولا أعلم الغيب ولا أقول لكم إني ملك إن أتبع إلا ما يوحى إلي قل هل يستوي الأعمى والبصير أفلا تتفكرون |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو. |
|