بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
804615قل إني أخاف إن عصيت ربي عذاب يوم عظيم
چؤ ته جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو چيو نه مڃيان ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.
805616من يصرف عنه يومئذ فقد رحمه وذلك الفوز المبين
اُن ڏينھن جنھن (ماڻھو) کان (عذاب) ٽاريو ويندو تنھن تي بيشڪ الله ٻاجھ ڪئي، ۽ اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.
806617وإن يمسسك الله بضر فلا كاشف له إلا هو وإن يمسسك بخير فهو على كل شيء قدير
۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
807618وهو القاهر فوق عباده وهو الحكيم الخبير
۽ اُھو ٻانھن تي غالب آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.
808619قل أي شيء أكبر شهادة قل الله شهيد بيني وبينكم وأوحي إلي هذا القرآن لأنذركم به ومن بلغ أئنكم لتشهدون أن مع الله آلهة أخرى قل لا أشهد قل إنما هو إله واحد وإنني بريء مما تشركون
پُڇا ڪر ته شاھديءَ ۾ ڪير وڏو آھي، چؤ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله ئي گواہ آھي، ۽ مون ڏانھن ھيءُ قرآن ھن لاءِ وحي ڪيو ويو آھي ته اُن سان اوھان کي ۽ جن جن کي (ھيءُ قرآن) پھچي (تن سڀني کي) ڊيڄاريان، (ھيءَ ڳالھ) اوھين ثابت ڪري سگھندؤ ڇا؟ ته الله ساڻ ٻيا (به) عبادت جا لائق آھن، چؤ ته آءٌ (اھڙي باطل ڪم جي) شاھدي نٿو ڏيان، (بلڪ سچي ڳالھ جي ثابتيءَ لاءِ) چؤ ته ھڪ الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق ڪونھي ۽ جنکي اوھين شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.
809620الذين آتيناهم الكتاب يعرفونه كما يعرفون أبناءهم الذين خسروا أنفسهم فهم لا يؤمنون
جن کي ڪتاب ڏنوسين سي اُن (پيغمبر) کي اھڙيءَ طرح سڃاڻندا آھن جھڙيءَ طرح پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، جن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا.
810621ومن أظلم ممن افترى على الله كذبا أو كذب بآياته إنه لا يفلح الظالمون
ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نه آھي ته ظالم نه ڇٽندا.
811622ويوم نحشرهم جميعا ثم نقول للذين أشركوا أين شركاؤكم الذين كنتم تزعمون
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جنھن ڏينھن اُھي مڙئي گڏ ڪنداسين وري مشرڪن کي چونداسين ته اوھان جا اُھي شريڪ جن کي اوھين (الله جو شريڪ) ڀائيندا ھيؤ ڪٿي آھن؟
812623ثم لم تكن فتنتهم إلا أن قالوا والله ربنا ما كنا مشركين
وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نه رھندو ته پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اٿئون ته اسين شريڪ ڪندڙ نه ھئاسون.
813624انظر كيف كذبوا على أنفسهم وضل عنهم ما كانوا يفترون
(اي پيغمبر) ڏس ته پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ڀڄي ويا.


0 ... 70.3 71.3 72.3 73.3 74.3 75.3 76.3 77.3 78.3 79.3 81.3 82.3 83.3 84.3 85.3 86.3 87.3 88.3 89.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.01 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

44591876722693295432687258834184573