نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
790 | 6 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الحمد لله الذي خلق السماوات والأرض وجعل الظلمات والنور ثم الذين كفروا بربهم يعدلون |
| | | سڀ ساراہ (خاص) انھيءَ الله کي جڳائي جنھن آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (به) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن. |
|
791 | 6 | 2 | هو الذي خلقكم من طين ثم قضى أجلا وأجل مسمى عنده ثم أنتم تمترون |
| | | اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مُدّت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مُدّت وٽس مُقرّر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو. |
|
792 | 6 | 3 | وهو الله في السماوات وفي الأرض يعلم سركم وجهركم ويعلم ما تكسبون |
| | | ۽ اھوئي الله آسمانن ۽ زمين ۾ (سڀڪنھن جو معبود) آھي، اوھان جو ڳجھ ۽ اوھان جو پڌرو ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سوبه ڄاڻندو آھي. |
|
793 | 6 | 4 | وما تأتيهم من آية من آيات ربهم إلا كانوا عنها معرضين |
| | | سندن پالڻھار جي آيتن مان ڪا آيت وٽن نه ايندي آھي پر کانئس منھن موڙيندا آھن. |
|
794 | 6 | 5 | فقد كذبوا بالحق لما جاءهم فسوف يأتيهم أنباء ما كانوا به يستهزئون |
| | | پوءِ بيشڪ سچ (يعني قرآن) کي جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) ڪوڙ ڀانيائون، پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت چٿر ڪندا آھن تنھنجي (سزا جون) خبرون وٽن سگھو پھچنديون. |
|
795 | 6 | 6 | ألم يروا كم أهلكنا من قبلهم من قرن مكناهم في الأرض ما لم نمكن لكم وأرسلنا السماء عليهم مدرارا وجعلنا الأنهار تجري من تحتهم فأهلكناهم بذنوبهم وأنشأنا من بعدهم قرنا آخرين |
| | | (ڪافر) نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته کانئن اڳي ڪيترا طبقا ناس ڪياسون جن کي زمين ۾ اھڙي قدرت ڏني ھئي سون جو اوھان کي به نه ڏني اٿئون ۽ مٿن آسمانن مينھن ساندہ وساياسون، ۽ سندن ھيٺان واھيون وھندڙ ڪيون سون پوءِ انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ سندن پوئتان ٻـين قومن کي پيدا ڪيوسون. |
|
796 | 6 | 7 | ولو نزلنا عليك كتابا في قرطاس فلمسوه بأيديهم لقال الذين كفروا إن هذا إلا سحر مبين |
| | | ۽ جيڪڏھن توتي ڪاغذن ۾ (لکيل) ڪتاب (قرآن) نازل ڪريون ھا پوءِ اُھي پنھنجا ھٿ کيس لائين ھا ته جيڪي ڪافر آھن سي ضرور چون ھا ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي. |
|
797 | 6 | 8 | وقالوا لولا أنزل عليه ملك ولو أنزلنا ملكا لقضي الأمر ثم لا ينظرون |
| | | ۽ چون ٿا ته مٿس مَلڪ ڇونه لاٿو ويو؟ ۽ جيڪڏھن اسين مَلڪ نازل ڪريون ھا ته ضرور ڪم پورو ٿي وڃي ھا (يعني مري وڃن ھا) وري کين مُھلت (مور) نه ڏجي ھا. |
|
798 | 6 | 9 | ولو جعلناه ملكا لجعلناه رجلا وللبسنا عليهم ما يلبسون |
| | | ۽ جيڪڏھن کيس مَلڪ ڪريون ھا ته ضرور کيس مڙس (جي شڪل ۾) بڻايون ھا ۽ جھڙو شبہ (ھاڻي) ڪندا آھن تھڙو شبہ مٿن قائم رکون ھا. |
|
799 | 6 | 10 | ولقد استهزئ برسل من قبلك فحاق بالذين سخروا منهم ما كانوا به يستهزئون |
| | | ۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن سان (به) چٿر ڪئي ويئي (آھي) پوءِ منجھانئن جن چٿرون ڪيون تن تي جنھن (ڳالھ) تي چٿر ڪندا ھئا تنھن (جي سزا اچي) گھيرو ڪيو. |
|