بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
7825113قالوا نريد أن نأكل منها وتطمئن قلوبنا ونعلم أن قد صدقتنا ونكون عليها من الشاهدين
چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا ته منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون ته اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون.
7835114قال عيسى ابن مريم اللهم ربنا أنزل علينا مائدة من السماء تكون لنا عيدا لأولنا وآخرنا وآية منك وارزقنا وأنت خير الرازقين
(تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين.
7845115قال الله إني منزلها عليكم فمن يكفر بعد منكم فإني أعذبه عذابا لا أعذبه أحدا من العالمين
الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس.
7855116وإذ قال الله يا عيسى ابن مريم أأنت قلت للناس اتخذوني وأمي إلهين من دون الله قال سبحانك ما يكون لي أن أقول ما ليس لي بحق إن كنت قلته فقد علمته تعلم ما في نفسي ولا أعلم ما في نفسك إنك أنت علام الغيوب
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين.
7865117ما قلت لهم إلا ما أمرتني به أن اعبدوا الله ربي وربكم وكنت عليهم شهيدا ما دمت فيهم فلما توفيتني كنت أنت الرقيب عليهم وأنت على كل شيء شهيد
جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين.
7875118إن تعذبهم فإنهم عبادك وإن تغفر لهم فإنك أنت العزيز الحكيم
جيڪڏھن کين عذاب ڪرين ته اُھي تنھنجا ٻانھا آھن، جيڪڏھن کين بخشين ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.
7885119قال الله هذا يوم ينفع الصادقين صدقهم لهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها أبدا رضي الله عنهم ورضوا عنه ذلك الفوز العظيم
الله فرمائيندو ته ھي اُھو ڏينھن آھي جو سچن کي سندين سچائي فائدو ڏيندي، اُنھن لاءِ (اُھي) بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس اصلي سداءِ رھڻ وارا آھن، الله کانئن راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن، اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
7895120لله ملك السماوات والأرض وما فيهن وهو على كل شيء قدير
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي منجھن آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
79061بسم الله الرحمن الرحيم الحمد لله الذي خلق السماوات والأرض وجعل الظلمات والنور ثم الذين كفروا بربهم يعدلون
سڀ ساراہ (خاص) انھيءَ الله کي جڳائي جنھن آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (به) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن.
79162هو الذي خلقكم من طين ثم قضى أجلا وأجل مسمى عنده ثم أنتم تمترون
اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مُدّت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مُدّت وٽس مُقرّر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو.


0 ... 68.1 69.1 70.1 71.1 72.1 73.1 74.1 75.1 76.1 77.1 79.1 80.1 81.1 82.1 83.1 84.1 85.1 86.1 87.1 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

35036835565631247211541323209155815664