نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
778 | 5 | 109 | يوم يجمع الله الرسل فيقول ماذا أجبتم قالوا لا علم لنا إنك أنت علام الغيوب |
| | | (ياد ڪر) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو ته اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو، چوندا ته اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نه آھي، ڇوته تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين. |
|
779 | 5 | 110 | إذ قال الله يا عيسى ابن مريم اذكر نعمتي عليك وعلى والدتك إذ أيدتك بروح القدس تكلم الناس في المهد وكهلا وإذ علمتك الكتاب والحكمة والتوراة والإنجيل وإذ تخلق من الطين كهيئة الطير بإذني فتنفخ فيها فتكون طيرا بإذني وتبرئ الأكمه والأبرص بإذني وإذ تخرج الموتى بإذني وإذ كففت بني إسرائيل عنك إذ جئتهم بالبينات فقال الذين كفروا منهم إن هذا إلا سحر مبين |
| | | جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي. |
|
780 | 5 | 111 | وإذ أوحيت إلى الحواريين أن آمنوا بي وبرسولي قالوا آمنا واشهد بأننا مسلمون |
| | | ۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم ته مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون ته ايمان آندوسون ۽ (اي عيسى) شاھد ھج ته اسان مسلمان آھيون. |
|
781 | 5 | 112 | إذ قال الحواريون يا عيسى ابن مريم هل يستطيع ربك أن ينزل علينا مائدة من السماء قال اتقوا الله إن كنتم مؤمنين |
| | | (ياد ڪر) جڏھن حوارين چيو ته اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ (عيسى) چيو ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو. |
|
782 | 5 | 113 | قالوا نريد أن نأكل منها وتطمئن قلوبنا ونعلم أن قد صدقتنا ونكون عليها من الشاهدين |
| | | چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا ته منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون ته اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون. |
|
783 | 5 | 114 | قال عيسى ابن مريم اللهم ربنا أنزل علينا مائدة من السماء تكون لنا عيدا لأولنا وآخرنا وآية منك وارزقنا وأنت خير الرازقين |
| | | (تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين. |
|
784 | 5 | 115 | قال الله إني منزلها عليكم فمن يكفر بعد منكم فإني أعذبه عذابا لا أعذبه أحدا من العالمين |
| | | الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس. |
|
785 | 5 | 116 | وإذ قال الله يا عيسى ابن مريم أأنت قلت للناس اتخذوني وأمي إلهين من دون الله قال سبحانك ما يكون لي أن أقول ما ليس لي بحق إن كنت قلته فقد علمته تعلم ما في نفسي ولا أعلم ما في نفسك إنك أنت علام الغيوب |
| | | ۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين. |
|
786 | 5 | 117 | ما قلت لهم إلا ما أمرتني به أن اعبدوا الله ربي وربكم وكنت عليهم شهيدا ما دمت فيهم فلما توفيتني كنت أنت الرقيب عليهم وأنت على كل شيء شهيد |
| | | جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين. |
|
787 | 5 | 118 | إن تعذبهم فإنهم عبادك وإن تغفر لهم فإنك أنت العزيز الحكيم |
| | | جيڪڏھن کين عذاب ڪرين ته اُھي تنھنجا ٻانھا آھن، جيڪڏھن کين بخشين ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين. |
|