نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
709 | 5 | 40 | ألم تعلم أن الله له ملك السماوات والأرض يعذب من يشاء ويغفر لمن يشاء والله على كل شيء قدير |
| | | (اي پيغمبر) نه معلوم اٿئي ڇا؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. |
|
710 | 5 | 41 | يا أيها الرسول لا يحزنك الذين يسارعون في الكفر من الذين قالوا آمنا بأفواههم ولم تؤمن قلوبهم ومن الذين هادوا سماعون للكذب سماعون لقوم آخرين لم يأتوك يحرفون الكلم من بعد مواضعه يقولون إن أوتيتم هذا فخذوه وإن لم تؤتوه فاحذروا ومن يرد الله فتنته فلن تملك له من الله شيئا أولئك الذين لم يرد الله أن يطهر قلوبهم لهم في الدنيا خزي ولهم في الآخرة عذاب عظيم |
| | | اي پيغمبر انھن جو حال توکي غمگين نه ڪري جيڪي اھڙن (ماڻھن) مان ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن ته ايمان آندوسون ۽ سندن دلين ايمان نه آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ آھن ٻيءَ قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نه آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن (صحيح) ڳالھين کي پنھنجن ھنڌن تي قائم ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن ته جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ ته اھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نه ڏنو وڃيوَ ته پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراہ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نه اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گھرندو آھي،، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي. |
|
711 | 5 | 42 | سماعون للكذب أكالون للسحت فإن جاءوك فاحكم بينهم أو أعرض عنهم وإن تعرض عنهم فلن يضروك شيئا وإن حكمت فاحكم بينهم بالقسط إن الله يحب المقسطين |
| | | ڪوڙين ڳالھين جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن ته سندن (تڪرار جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين ته توکي ڪجھ نقصان رسائي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين ته سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، بيشڪ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي. |
|
712 | 5 | 43 | وكيف يحكمونك وعندهم التوراة فيها حكم الله ثم يتولون من بعد ذلك وما أولئك بالمؤمنين |
| | | ۽ ڪئن توکان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نه آھن. |
|
713 | 5 | 44 | إنا أنزلنا التوراة فيها هدى ونور يحكم بها النبيون الذين أسلموا للذين هادوا والربانيون والأحبار بما استحفظوا من كتاب الله وكانوا عليه شهداء فلا تخشوا الناس واخشون ولا تشتروا بآياتي ثمنا قليلا ومن لم يحكم بما أنزل الله فأولئك هم الكافرون |
| | | تحقيق اسان توريت لاٿو آھي منجھس ھدايت ۽ نُور آھي، فرمانبردارن پيغمبرن ۽ الله وارن ۽ عالمن اُن سان يھودين لاءِ حُڪم ڪيو آھي (يعني) انھيءَ سان جيڪي الله جي ڪتاب مان ياد ڪرايو وين ۽ مٿن شاھد ھوا، پوءِ (کين اسان سمجھايو ھوته) ماڻھن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ مُنھنجي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻو، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ڪافر آھن. |
|
714 | 5 | 45 | وكتبنا عليهم فيها أن النفس بالنفس والعين بالعين والأنف بالأنف والأذن بالأذن والسن بالسن والجروح قصاص فمن تصدق به فهو كفارة له ومن لم يحكم بما أنزل الله فأولئك هم الظالمون |
| | | ۽ انھن (يھودين) تي توريت ۾ لازم ڪيوسون ته ماڻھوءَ جو عوض ماڻھو ۽ اک جو عوض اک ۽ نڪ جو عوض نڪ ۽ ڪنّ جو عوض ڪنّ ۽ ڏند جو عوض ڏند ۽ ڦٽ جو عوض اوترو ڦٽ آھي، پوءِ جيڪو ان کي بخشيندو تنھن لاءِ اُھو (بخشڻ سندس گناھن جو) ڪفّارو آھي، ۽ جيڪو الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ظالم آھن. |
|
715 | 5 | 46 | وقفينا على آثارهم بعيسى ابن مريم مصدقا لما بين يديه من التوراة وآتيناه الإنجيل فيه هدى ونور ومصدقا لما بين يديه من التوراة وهدى وموعظة للمتقين |
| | | ۽ اُنھن (پيغمبرن) جي طريقي تي عيسىٰ پٽ مريم جي کي پوئتان موڪليوسون جو جيڪو کانئس اڳ (توريت) ھو، تنھنجو سچو ڪندڙ ھو، ۽ کيس انجيل ڏنوسون جنھن ۾ ھدايت ۽ نُور آھي، ۽ توريت جيڪو کانئس اڳ ھو تنھنجو سچو ڪندڙ ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت ھو. |
|
716 | 5 | 47 | وليحكم أهل الإنجيل بما أنزل الله فيه ومن لم يحكم بما أنزل الله فأولئك هم الفاسقون |
| | | ۽ انجيل وارن کي جڳائي ته جيڪي الله منجھس لاٿو تنھن سان نبيرو ڪن، ۽ جيڪي الله لاٿو تنھن موجب جيڪي نبيرو نه ڪندا سي ئي بي دين آھن. |
|
717 | 5 | 48 | وأنزلنا إليك الكتاب بالحق مصدقا لما بين يديه من الكتاب ومهيمنا عليه فاحكم بينهم بما أنزل الله ولا تتبع أهواءهم عما جاءك من الحق لكل جعلنا منكم شرعة ومنهاجا ولو شاء الله لجعلكم أمة واحدة ولكن ليبلوكم في ما آتاكم فاستبقوا الخيرات إلى الله مرجعكم جميعا فينبئكم بما كنتم فيه تختلفون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) توڏانھن سچائيءَ سان ڪتاب لاٿوسون جيڪي ڪتاب کانئس اڳ آھن تن جو سچو ڪندڙ ۽ مٿن نگھبان آھي تنھنڪري الله جيڪي لاٿو آھي تنھن موجب سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ جيڪي حق تو وٽ آيو آھي تنھن کان مُڙي سندين سَڌن جي تابعداري نه ڪر، اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مُقرّر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) ته جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱائيءَ ڏانھن اڳرائي ڪريو، اوھان مڙني جو الله ڏانھن موٽڻ آھي پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت اوھين تڪرار ڪندڙ ھيؤ تنھنجي فيصلي جي اوھان کي خبر ڏيندو. |
|
718 | 5 | 49 | وأن احكم بينهم بما أنزل الله ولا تتبع أهواءهم واحذرهم أن يفتنوك عن بعض ما أنزل الله إليك فإن تولوا فاعلم أنما يريد الله أن يصيبهم ببعض ذنوبهم وإن كثيرا من الناس لفاسقون |
| | | ۽ (وري به توکي حُڪم ٿو ڪجي) ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ سندين سڌن جي تابعداري نه ڪر ۽ اُنھن کان خوف رک جيڪي الله توڏانھن لاٿو آھي تنھن جي ڪنھن (حُڪم) کان متان توکي ٿيڙين، پوءِ جيڪڏھن ڦِرن ته ڄاڻ ته الله سندن ڪن گناھن سببان کين عذاب پُھچائڻ گھُرندو آھي، ۽ ماڻھن مان گھڻا بي دين آھن. |
|