بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
701532من أجل ذلك كتبنا على بني إسرائيل أنه من قتل نفسا بغير نفس أو فساد في الأرض فكأنما قتل الناس جميعا ومن أحياها فكأنما أحيا الناس جميعا ولقد جاءتهم رسلنا بالبينات ثم إن كثيرا منهم بعد ذلك في الأرض لمسرفون
انھيءَ ڪري بني اسرائيلن تي لازم ڪيوسون ته جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي بچايو، ۽ البت بيشڪ اسان جا (گھڻا) پيغمبر چٽن مُعجزن سان وٽن آيا، وري بيشڪ اُن کانپوءِ منجھائن گھڻا مُلڪ ۾ حد کان لنگھندڙ ٿيا.
702533إنما جزاء الذين يحاربون الله ورسوله ويسعون في الأرض فسادا أن يقتلوا أو يصلبوا أو تقطع أيديهم وأرجلهم من خلاف أو ينفوا من الأرض ذلك لهم خزي في الدنيا ولهم في الآخرة عذاب عظيم
جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر سان وڙھندا ۽ ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) لاءِ ڪوشش ڪندا تن جي سزا ھن کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي ته ڪُھجينِ يا سُوريءَ چاڙھجينِ يا سندن ھٿ ۽ سندن پير اُبتڙ سبتڙ وڍجن يا ديس نيڪالي ڏجينِ، دُنيا ۾ اُنھن لاءِ اِھا خواري آھي ۽ آخرت ۾ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
703534إلا الذين تابوا من قبل أن تقدروا عليهم فاعلموا أن الله غفور رحيم
پر جن اوھان جي قابو پوڻ کان اڳ توبه ڪئي، پوءِ ڄاڻو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.
704535يا أيها الذين آمنوا اتقوا الله وابتغوا إليه الوسيلة وجاهدوا في سبيله لعلكم تفلحون
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسيلو ڳوليو (يعني نيڪ عملن جي وسيلي سان الله تعالىٰ ڏي ويجھا ٿيو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪوشش ڪريو مانَ اوھين ڇٽو.
705536إن الذين كفروا لو أن لهم ما في الأرض جميعا ومثله معه ليفتدوا به من عذاب يوم القيامة ما تقبل منهم ولهم عذاب أليم
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن ھجي ۽ اُن جيترو ٻيو به گڏ (ھجين) اُھو قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان (بچاءَ) لاءِ عوض ڏين ته کانئن قبول نه ڪبو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
706537يريدون أن يخرجوا من النار وما هم بخارجين منها ولهم عذاب مقيم
باہ مان نڪرڻ گُھرندا ۽ (حقيقت ڪري) منجھانئس اُھي نڪرڻ وارا نه آھن، ۽ اُنھن لاءِ سدائين جو عذاب آھي.
707538والسارق والسارقة فاقطعوا أيديهما جزاء بما كسبا نكالا من الله والله عزيز حكيم
چورُ (مڙس) ۽ چورِ (زال) انھن جا ھٿ سندن ڪئي سببان سزا لاءِ وڍيو الله (جي پار) کان اُھو عذاب آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
708539فمن تاب من بعد ظلمه وأصلح فإن الله يتوب عليه إن الله غفور رحيم
پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل پڃاڻا توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله ٻاجھ سان موٽندو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
709540ألم تعلم أن الله له ملك السماوات والأرض يعذب من يشاء ويغفر لمن يشاء والله على كل شيء قدير
(اي پيغمبر) نه معلوم اٿئي ڇا؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
710541يا أيها الرسول لا يحزنك الذين يسارعون في الكفر من الذين قالوا آمنا بأفواههم ولم تؤمن قلوبهم ومن الذين هادوا سماعون للكذب سماعون لقوم آخرين لم يأتوك يحرفون الكلم من بعد مواضعه يقولون إن أوتيتم هذا فخذوه وإن لم تؤتوه فاحذروا ومن يرد الله فتنته فلن تملك له من الله شيئا أولئك الذين لم يرد الله أن يطهر قلوبهم لهم في الدنيا خزي ولهم في الآخرة عذاب عظيم
اي پيغمبر انھن جو حال توکي غمگين نه ڪري جيڪي اھڙن (ماڻھن) مان ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن ته ايمان آندوسون ۽ سندن دلين ايمان نه آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ آھن ٻيءَ قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نه آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن (صحيح) ڳالھين کي پنھنجن ھنڌن تي قائم ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن ته جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ ته اھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نه ڏنو وڃيوَ ته پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراہ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نه اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گھرندو آھي،، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي.


0 ... 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 71 72 73 74 75 76 77 78 79 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

32852644267111115705337492454313762190