نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
686 | 5 | 17 | لقد كفر الذين قالوا إن الله هو المسيح ابن مريم قل فمن يملك من الله شيئا إن أراد أن يهلك المسيح ابن مريم وأمه ومن في الأرض جميعا ولله ملك السماوات والأرض وما بينهما يخلق ما يشاء والله على كل شيء قدير |
| | | بيشڪ جن چيو ته الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، چؤ ته جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀيئي زمين ۾ آھن ناس ڪرڻ گھري ته ڪير الله کان انھن کي ڪُجھ بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. |
|
687 | 5 | 18 | وقالت اليهود والنصارى نحن أبناء الله وأحباؤه قل فلم يعذبكم بذنوبكم بل أنتم بشر ممن خلق يغفر لمن يشاء ويعذب من يشاء ولله ملك السماوات والأرض وما بينهما وإليه المصير |
| | | يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن ته اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته پوءِ سندوَ گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين به انھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھنکي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھنکي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي. |
|
688 | 5 | 19 | يا أهل الكتاب قد جاءكم رسولنا يبين لكم على فترة من الرسل أن تقولوا ما جاءنا من بشير ولا نذير فقد جاءكم بشير ونذير والله على كل شيء قدير |
| | | اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ٿو ڪري متان چئو ته نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو، (ھائو) انھي ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي. |
|
689 | 5 | 20 | وإذ قال موسى لقومه يا قوم اذكروا نعمة الله عليكم إذ جعل فيكم أنبياء وجعلكم ملوكا وآتاكم ما لم يؤت أحدا من العالمين |
| | | ۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مُقرّر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاہ ڪيائين، ۽ اوھان کي اھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (به) نه ڏنائين. |
|
690 | 5 | 21 | يا قوم ادخلوا الأرض المقدسة التي كتب الله لكم ولا ترتدوا على أدباركم فتنقلبوا خاسرين |
| | | اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ. |
|
691 | 5 | 22 | قالوا يا موسى إن فيها قوما جبارين وإنا لن ندخلها حتى يخرجوا منها فإن يخرجوا منها فإنا داخلون |
| | | چيائون ته اي مُوسىٰ بيشڪ اتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نه) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن ته اسين گھِڙڻ وارا آھيون. |
|
692 | 5 | 23 | قال رجلان من الذين يخافون أنعم الله عليهما ادخلوا عليهم الباب فإذا دخلتموه فإنكم غالبون وعلى الله فتوكلوا إن كنتم مؤمنين |
| | | جيڪي خدا کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻه ڄڻا جن تي الله نعمت ڪئي ھئي سي چوڻ لڳا ته در کان مٿن گھڙو، پوءِ جڏھن در کان لنگھيؤ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله تي ڀروسو ڪريو. |
|
693 | 5 | 24 | قالوا يا موسى إنا لن ندخلها أبدا ما داموا فيها فاذهب أنت وربك فقاتلا إنا هاهنا قاعدون |
| | | چيائون ته اي موسىٰ بيشڪ اسين اصلي ڪڏھن منجھس نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھس رھندا تنھنڪري تون ۽ تنھنجو پالڻھار وڃو پوءِ وڙھو بيشڪ اسين ھتي (ئي) ويٺا آھيون. |
|
694 | 5 | 25 | قال رب إني لا أملك إلا نفسي وأخي فافرق بيننا وبين القوم الفاسقين |
| | | مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار آءٌ پنھنجي سِرَ ۽ پنھنجي ڀاءُ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن تي (به) اختيار نٿو رکان تنھنڪري اسان جي ۽ بي فرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر. |
|
695 | 5 | 26 | قال فإنها محرمة عليهم أربعين سنة يتيهون في الأرض فلا تأس على القوم الفاسقين |
| | | (الله) چيو ته اُھا (پاڪ زمين) چاليھ ورھيه مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني بر) ۾ حيران پريشان رھندا، تنھنڪري بي دين قوم تي ڏک نه ڪر. |
|