بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
684515يا أهل الكتاب قد جاءكم رسولنا يبين لكم كثيرا مما كنتم تخفون من الكتاب ويعفو عن كثير قد جاءكم من الله نور وكتاب مبين
اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اسان جو پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان وٽ آيو اوھين (الله جي) ڪتاب مان گھڻيون ڳالھيون لڪائيندا ھيؤ تن مان گھڻيون (ڳالھيون) اوھان کي بيان ڪري ٿو ۽ گھڻين (ڳالھين) کان ٽارو ڪري ٿو، بيشڪ اوھان وٽ الله وٽان نُور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) آيو آھي.
685516يهدي به الله من اتبع رضوانه سبل السلام ويخرجهم من الظلمات إلى النور بإذنه ويهديهم إلى صراط مستقيم
انھيءَ جي سببان الله انھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي جيڪي سلامتي جي واٽن ڏانھن سندس راضپو ڳولين ۽ کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن پنھنجي حڪم سان ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ کين سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.
686517لقد كفر الذين قالوا إن الله هو المسيح ابن مريم قل فمن يملك من الله شيئا إن أراد أن يهلك المسيح ابن مريم وأمه ومن في الأرض جميعا ولله ملك السماوات والأرض وما بينهما يخلق ما يشاء والله على كل شيء قدير
بيشڪ جن چيو ته الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، چؤ ته جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀيئي زمين ۾ آھن ناس ڪرڻ گھري ته ڪير الله کان انھن کي ڪُجھ بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
687518وقالت اليهود والنصارى نحن أبناء الله وأحباؤه قل فلم يعذبكم بذنوبكم بل أنتم بشر ممن خلق يغفر لمن يشاء ويعذب من يشاء ولله ملك السماوات والأرض وما بينهما وإليه المصير
يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن ته اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته پوءِ سندوَ گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين به انھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھنکي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھنکي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
688519يا أهل الكتاب قد جاءكم رسولنا يبين لكم على فترة من الرسل أن تقولوا ما جاءنا من بشير ولا نذير فقد جاءكم بشير ونذير والله على كل شيء قدير
اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ٿو ڪري متان چئو ته نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو، (ھائو) انھي ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
689520وإذ قال موسى لقومه يا قوم اذكروا نعمة الله عليكم إذ جعل فيكم أنبياء وجعلكم ملوكا وآتاكم ما لم يؤت أحدا من العالمين
۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مُقرّر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاہ ڪيائين، ۽ اوھان کي اھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (به) نه ڏنائين.
690521يا قوم ادخلوا الأرض المقدسة التي كتب الله لكم ولا ترتدوا على أدباركم فتنقلبوا خاسرين
اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.
691522قالوا يا موسى إن فيها قوما جبارين وإنا لن ندخلها حتى يخرجوا منها فإن يخرجوا منها فإنا داخلون
چيائون ته اي مُوسىٰ بيشڪ اتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نه) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن ته اسين گھِڙڻ وارا آھيون.
692523قال رجلان من الذين يخافون أنعم الله عليهما ادخلوا عليهم الباب فإذا دخلتموه فإنكم غالبون وعلى الله فتوكلوا إن كنتم مؤمنين
جيڪي خدا کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻه ڄڻا جن تي الله نعمت ڪئي ھئي سي چوڻ لڳا ته در کان مٿن گھڙو، پوءِ جڏھن در کان لنگھيؤ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله تي ڀروسو ڪريو.
693524قالوا يا موسى إنا لن ندخلها أبدا ما داموا فيها فاذهب أنت وربك فقاتلا إنا هاهنا قاعدون
چيائون ته اي موسىٰ بيشڪ اسين اصلي ڪڏھن منجھس نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھس رھندا تنھنڪري تون ۽ تنھنجو پالڻھار وڃو پوءِ وڙھو بيشڪ اسين ھتي (ئي) ويٺا آھيون.


0 ... 58.3 59.3 60.3 61.3 62.3 63.3 64.3 65.3 66.3 67.3 69.3 70.3 71.3 72.3 73.3 74.3 75.3 76.3 77.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

166946324082954584239441238400416522330