نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
668 | 4 | 175 | فأما الذين آمنوا بالله واعتصموا به فسيدخلهم في رحمة منه وفضل ويهديهم إليه صراطا مستقيما |
| | | پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو. |
|
669 | 4 | 176 | يستفتونك قل الله يفتيكم في الكلالة إن امرؤ هلك ليس له ولد وله أخت فلها نصف ما ترك وهو يرثها إن لم يكن لها ولد فإن كانتا اثنتين فلهما الثلثان مما ترك وإن كانوا إخوة رجالا ونساء فللذكر مثل حظ الأنثيين يبين الله لكم أن تضلوا والله بكل شيء عليم |
| | | (اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي (۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
670 | 5 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم يا أيها الذين آمنوا أوفوا بالعقود أحلت لكم بهيمة الأنعام إلا ما يتلى عليكم غير محلي الصيد وأنتم حرم إن الله يحكم ما يريد |
| | | اي ايمان وارؤ (پنھنجن) انجامن کي پاڙيو، جيڪي اوھان تي پڙھبو تنھن کانسواءِ (ٻيا) چوپايا ڍور اوھان لاءِ حلال ڪيا ويا آھن پر اوھين احرام وارا ٿي شڪار کي حلال سمجھندڙ نه ٿيو، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو حُڪم ڪندو آھي. |
|
671 | 5 | 2 | يا أيها الذين آمنوا لا تحلوا شعائر الله ولا الشهر الحرام ولا الهدي ولا القلائد ولا آمين البيت الحرام يبتغون فضلا من ربهم ورضوانا وإذا حللتم فاصطادوا ولا يجرمنكم شنآن قوم أن صدوكم عن المسجد الحرام أن تعتدوا وتعاونوا على البر والتقوى ولا تعاونوا على الإثم والعدوان واتقوا الله إن الله شديد العقاب |
| | | اي ايمان وارؤ الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي نه ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني ۾ ۽ نڪي (ڪعبه ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيل جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳانن) جي ۽ نڪي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن ويندڙن جي جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ آھن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نه ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي. |
|
672 | 5 | 3 | حرمت عليكم الميتة والدم ولحم الخنزير وما أهل لغير الله به والمنخنقة والموقوذة والمتردية والنطيحة وما أكل السبع إلا ما ذكيتم وما ذبح على النصب وأن تستقسموا بالأزلام ذلكم فسق اليوم يئس الذين كفروا من دينكم فلا تخشوهم واخشون اليوم أكملت لكم دينكم وأتممت عليكم نعمتي ورضيت لكم الإسلام دينا فمن اضطر في مخمصة غير متجانف لإثم فإن الله غفور رحيم |
| | | اوھان تي حرام ڪيو ويو آھي مُئل جانور ۽ (وھندڙ) رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ جنھن شيءِ کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪيو ويو آھي) ۽ جيڪو (جانور) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو به) پر جنھنکي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نه آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪيو ويو آھي) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (به)، اِھي (مڙئي) گناہ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نا اميد ٿيا تنھنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پوءِ جيڪو گناہ ڏانھن نه لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي (۽ مٿيون حرام شيون کائي ته روا آھي)، پوءِ تحقيق الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
673 | 5 | 4 | يسألونك ماذا أحل لهم قل أحل لكم الطيبات وما علمتم من الجوارح مكلبين تعلمونهن مما علمكم الله فكلوا مما أمسكن عليكم واذكروا اسم الله عليه واتقوا الله إن الله سريع الحساب |
| | | (اي پيغمبر) توکان پڇن ته اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چؤ ته اوھان لاءِ (سڀ) سٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار به حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي، ته جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بِسۡمِ اللهِ اَللهُ اَڪۡبرُ) چئو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت حساب وٺندڙ آھي. |
|
674 | 5 | 5 | اليوم أحل لكم الطيبات وطعام الذين أوتوا الكتاب حل لكم وطعامكم حل لهم والمحصنات من المؤمنات والمحصنات من الذين أوتوا الكتاب من قبلكم إذا آتيتموهن أجورهن محصنين غير مسافحين ولا متخذي أخدان ومن يكفر بالإيمان فقد حبط عمله وهو في الآخرة من الخاسرين |
| | | اڄ اوھان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (به) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام انھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪدامن مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪدامن (عورتون) جڏھن پرڻو ڪندڙ نه زنا ڪندڙ ۽ نه ڳجھي آشنائي رکندڙ ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (ته حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھنجو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي. |
|
675 | 5 | 6 | يا أيها الذين آمنوا إذا قمتم إلى الصلاة فاغسلوا وجوهكم وأيديكم إلى المرافق وامسحوا برءوسكم وأرجلكم إلى الكعبين وإن كنتم جنبا فاطهروا وإن كنتم مرضى أو على سفر أو جاء أحد منكم من الغائط أو لامستم النساء فلم تجدوا ماء فتيمموا صعيدا طيبا فامسحوا بوجوهكم وأيديكم منه ما يريد الله ليجعل عليكم من حرج ولكن يريد ليطهركم وليتم نعمته عليكم لعلكم تشكرون |
| | | اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنبي (يعني مٿي ميرا) ھجو ته پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانه مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نه گھرندو آھي پر گھُرندو آھي ته اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري مانَ اوھين شڪرانو ڪريو. |
|
676 | 5 | 7 | واذكروا نعمة الله عليكم وميثاقه الذي واثقكم به إذ قلتم سمعنا وأطعنا واتقوا الله إن الله عليم بذات الصدور |
| | | ۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو اَنجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (به ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو ته ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي. |
|
677 | 5 | 8 | يا أيها الذين آمنوا كونوا قوامين لله شهداء بالقسط ولا يجرمنكم شنآن قوم على ألا تعدلوا اعدلوا هو أقرب للتقوى واتقوا الله إن الله خبير بما تعملون |
| | | اي ايمان وارؤ انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿي الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ھُجو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي جو سبب نه بڻي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي. |
|