نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
67 | 2 | 60 | وإذ استسقى موسى لقومه فقلنا اضرب بعصاك الحجر فانفجرت منه اثنتا عشرة عينا قد علم كل أناس مشربهم كلوا واشربوا من رزق الله ولا تعثوا في الأرض مفسدين |
| | | ۽ (ياد ڪر ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ منجھانئس ٻارھن واھيون ڦاٽي نڪتيون، سڀڪنھن ماڻھو بيشڪ پنھنجو تڙ سُڃاتو، (چيوسون ته) الله جي رزق مان کائو پيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو. |
|
68 | 2 | 61 | وإذ قلتم يا موسى لن نصبر على طعام واحد فادع لنا ربك يخرج لنا مما تنبت الأرض من بقلها وقثائها وفومها وعدسها وبصلها قال أتستبدلون الذي هو أدنى بالذي هو خير اهبطوا مصرا فإن لكم ما سألتم وضربت عليهم الذلة والمسكنة وباءوا بغضب من الله ذلك بأنهم كانوا يكفرون بآيات الله ويقتلون النبيين بغير الحق ذلك بما عصوا وكانوا يعتدون |
| | | ۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا. |
|
69 | 2 | 62 | إن الذين آمنوا والذين هادوا والنصارى والصابئين من آمن بالله واليوم الآخر وعمل صالحا فلهم أجرهم عند ربهم ولا خوف عليهم ولا هم يحزنون |
| | | مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. |
|
70 | 2 | 63 | وإذ أخذنا ميثاقكم ورفعنا فوقكم الطور خذوا ما آتيناكم بقوة واذكروا ما فيه لعلكم تتقون |
| | | ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسين ۽ اوھان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون، (تڏھن چيوسون ته) جيڪو (توريت) اوھانکي ڏنوسون سوگھو وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪريو مانَ اوھين ڊڄو. |
|
71 | 2 | 64 | ثم توليتم من بعد ذلك فلولا فضل الله عليكم ورحمته لكنتم من الخاسرين |
| | | وري اُن کانپوءِ اوھين ڦريؤ، پوءِ جڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ٿئي ھا ته اوھين ضرور ڇيئي وارن مان ٿيو ھا. |
|
72 | 2 | 65 | ولقد علمتم الذين اعتدوا منكم في السبت فقلنا لهم كونوا قردة خاسئين |
| | | ۽ انھن کي بيشڪ ڄاتو اٿو جي اوھان مان ڇنڇر بابت حد کان لنگھيا پوءِ کين چيوسين ته خوار ڀولڙا ٿيو. |
|
73 | 2 | 66 | فجعلناها نكالا لما بين يديها وما خلفها وموعظة للمتقين |
| | | پوءِ اُن (قصّه) کي اُن ڳوٺ جي آس پاس وارن ۽ اُنھن جي پوين لاءِ عبرت ۽ خُدا ترسن لاءِ نصيحت ڪئي سون. |
|
74 | 2 | 67 | وإذ قال موسى لقومه إن الله يأمركم أن تذبحوا بقرة قالوا أتتخذنا هزوا قال أعوذ بالله أن أكون من الجاهلين |
| | | ۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو، (تڏھن) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو. |
|
75 | 2 | 68 | قالوا ادع لنا ربك يبين لنا ما هي قال إنه يقول إنها بقرة لا فارض ولا بكر عوان بين ذلك فافعلوا ما تؤمرون |
| | | چيائون ته اسان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (قسم جي) آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون نڪي پوڙھي ۽ نڪي جوان آھي، اِنھي وچ ۾ وچٿري آھي، پوءِ جيڪي اوھان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو. |
|
76 | 2 | 69 | قالوا ادع لنا ربك يبين لنا ما لونها قال إنه يقول إنها بقرة صفراء فاقع لونها تسر الناظرين |
| | | چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گُھرته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪھڙو آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون ھيڊي ڪڪڙي آھي سندس رنگ ڳوڙھو ھيڊو آھي ڏسندڙن کي سُرھائي ڏيندي آھي. |
|