نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
659 | 4 | 166 | لكن الله يشهد بما أنزل إليك أنزله بعلمه والملائكة يشهدون وكفى بالله شهيدا |
| | | پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏانھن لاٿو آھي تنھن لاءِ (پاڻ) شاھدي ٿو ڏئي ته اُھو پنھنجي علم سان نازل ڪيو اٿس، ۽ ملائڪ به شاھدي ٿا ڏين، ۽ الله گواہ بس آھي. |
|
660 | 4 | 167 | إن الذين كفروا وصدوا عن سبيل الله قد ضلوا ضلالا بعيدا |
| | | بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن) کي جھليو سي بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلا. |
|
661 | 4 | 168 | إن الذين كفروا وظلموا لم يكن الله ليغفر لهم ولا ليهديهم طريقا |
| | | تحقيق جن انڪار ڪيو ۽ ظُلم ڪندا رھيا ته الله (جو شان اھڙو) نه آھي جو کين بخشي ۽ نڪي (اھڙو) آھي جو کين (ٻي) ڪا (سڌي) واٽ ڏيکاري. |
|
662 | 4 | 169 | إلا طريق جهنم خالدين فيها أبدا وكان ذلك على الله يسيرا |
| | | دوزخ جي واٽ کانسواءِ منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اھو الله تي سھنجو آھي. |
|
663 | 4 | 170 | يا أيها الناس قد جاءكم الرسول بالحق من ربكم فآمنوا خيرا لكم وإن تكفروا فإن لله ما في السماوات والأرض وكان الله عليما حكيما |
| | | اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
664 | 4 | 171 | يا أهل الكتاب لا تغلوا في دينكم ولا تقولوا على الله إلا الحق إنما المسيح عيسى ابن مريم رسول الله وكلمته ألقاها إلى مريم وروح منه فآمنوا بالله ورسله ولا تقولوا ثلاثة انتهوا خيرا لكم إنما الله إله واحد سبحانه أن يكون له ولد له ما في السماوات وما في الأرض وكفى بالله وكيلا |
| | | اي ڪتاب وارؤ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نه چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي. |
|
665 | 4 | 172 | لن يستنكف المسيح أن يكون عبدا لله ولا الملائكة المقربون ومن يستنكف عن عبادته ويستكبر فسيحشرهم إليه جميعا |
| | | عيسىٰ الله جي ٻانھي ھُجڻ کان بنھ عار نه ڪندو آھي ۽ نڪي مُقرّب مَلائِڪ، ۽ جيڪو سندس ٻانھپ کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو تن سڀني کي سگھوئي (الله) پاڻ وٽ گڏ ڪندو. |
|
666 | 4 | 173 | فأما الذين آمنوا وعملوا الصالحات فيوفيهم أجورهم ويزيدهم من فضله وأما الذين استنكفوا واستكبروا فيعذبهم عذابا أليما ولا يجدون لهم من دون الله وليا ولا نصيرا |
| | | پوءِ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي سندن اجر پُورو ڏيندو ۽ (بلڪ) پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ ڏيندو، ۽ جن (ٻانھي ھجڻ کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو. |
|
667 | 4 | 174 | يا أيها الناس قد جاءكم برهان من ربكم وأنزلنا إليكم نورا مبينا |
| | | اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ پڪي سند آئي آھي ۽ اوھان ڏانھن چِٽو سوجھرو (قرآن) لاٿوسون. |
|
668 | 4 | 175 | فأما الذين آمنوا بالله واعتصموا به فسيدخلهم في رحمة منه وفضل ويهديهم إليه صراطا مستقيما |
| | | پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو. |
|