بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
6574164ورسلا قد قصصناهم عليك من قبل ورسلا لم نقصصهم عليك وكلم الله موسى تكليما
۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ھن کان اڳ توکي بيان ٻڌايوسون ۽ (ٻيا گھڻا) پيغمبر آھن جن جو بيان توکي نه ٻڌايوسون، ۽ الله موسىٰ سان گفتگو ڪئي.
6584165رسلا مبشرين ومنذرين لئلا يكون للناس على الله حجة بعد الرسل وكان الله عزيزا حكيما
پيغمبر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ھن لاءِ آھن ته پيغمبرن (جي اچڻ) کانپوءِ ماڻھن جي ڪا حُجّت الله تي نه رھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
6594166لكن الله يشهد بما أنزل إليك أنزله بعلمه والملائكة يشهدون وكفى بالله شهيدا
پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏانھن لاٿو آھي تنھن لاءِ (پاڻ) شاھدي ٿو ڏئي ته اُھو پنھنجي علم سان نازل ڪيو اٿس، ۽ ملائڪ به شاھدي ٿا ڏين، ۽ الله گواہ بس آھي.
6604167إن الذين كفروا وصدوا عن سبيل الله قد ضلوا ضلالا بعيدا
بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن) کي جھليو سي بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلا.
6614168إن الذين كفروا وظلموا لم يكن الله ليغفر لهم ولا ليهديهم طريقا
تحقيق جن انڪار ڪيو ۽ ظُلم ڪندا رھيا ته الله (جو شان اھڙو) نه آھي جو کين بخشي ۽ نڪي (اھڙو) آھي جو کين (ٻي) ڪا (سڌي) واٽ ڏيکاري.
6624169إلا طريق جهنم خالدين فيها أبدا وكان ذلك على الله يسيرا
دوزخ جي واٽ کانسواءِ منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اھو الله تي سھنجو آھي.
6634170يا أيها الناس قد جاءكم الرسول بالحق من ربكم فآمنوا خيرا لكم وإن تكفروا فإن لله ما في السماوات والأرض وكان الله عليما حكيما
اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
6644171يا أهل الكتاب لا تغلوا في دينكم ولا تقولوا على الله إلا الحق إنما المسيح عيسى ابن مريم رسول الله وكلمته ألقاها إلى مريم وروح منه فآمنوا بالله ورسله ولا تقولوا ثلاثة انتهوا خيرا لكم إنما الله إله واحد سبحانه أن يكون له ولد له ما في السماوات وما في الأرض وكفى بالله وكيلا
اي ڪتاب وارؤ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نه چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.
6654172لن يستنكف المسيح أن يكون عبدا لله ولا الملائكة المقربون ومن يستنكف عن عبادته ويستكبر فسيحشرهم إليه جميعا
عيسىٰ الله جي ٻانھي ھُجڻ کان بنھ عار نه ڪندو آھي ۽ نڪي مُقرّب مَلائِڪ، ۽ جيڪو سندس ٻانھپ کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو تن سڀني کي سگھوئي (الله) پاڻ وٽ گڏ ڪندو.
6664173فأما الذين آمنوا وعملوا الصالحات فيوفيهم أجورهم ويزيدهم من فضله وأما الذين استنكفوا واستكبروا فيعذبهم عذابا أليما ولا يجدون لهم من دون الله وليا ولا نصيرا
پوءِ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي سندن اجر پُورو ڏيندو ۽ (بلڪ) پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ ڏيندو، ۽ جن (ٻانھي ھجڻ کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.


0 ... 55.6 56.6 57.6 58.6 59.6 60.6 61.6 62.6 63.6 64.6 66.6 67.6 68.6 69.6 70.6 71.6 72.6 73.6 74.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

1899342039822781400407831172937424383