نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
644 | 4 | 151 | أولئك هم الكافرون حقا وأعتدنا للكافرين عذابا مهينا |
| | | اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون. |
|
645 | 4 | 152 | والذين آمنوا بالله ورسله ولم يفرقوا بين أحد منهم أولئك سوف يؤتيهم أجورهم وكان الله غفورا رحيما |
| | | ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
646 | 4 | 153 | يسألك أهل الكتاب أن تنزل عليهم كتابا من السماء فقد سألوا موسى أكبر من ذلك فقالوا أرنا الله جهرة فأخذتهم الصاعقة بظلمهم ثم اتخذوا العجل من بعد ما جاءتهم البينات فعفونا عن ذلك وآتينا موسى سلطانا مبينا |
| | | (اي پيغمبر) ڪتاب وارا توکي سوال ٿا ڪن ته آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نه ڪر) پوءِ تحقيق ان کان (به) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھوائون پوءِ چيائون ته اسان کي الله (اکين سان) چٽو ڏيکار پوءِ سندن گناہ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ مُعجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏنيسون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون. |
|
647 | 4 | 154 | ورفعنا فوقهم الطور بميثاقهم وقلنا لهم ادخلوا الباب سجدا وقلنا لهم لا تعدوا في السبت وأخذنا منهم ميثاقا غليظا |
| | | ۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طُور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ به) فرمايوسون ته ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نه مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نه لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون. |
|
648 | 4 | 155 | فبما نقضهم ميثاقهم وكفرهم بآيات الله وقتلهم الأنبياء بغير حق وقولهم قلوبنا غلف بل طبع الله عليها بكفرهم فلا يؤمنون إلا قليلا |
| | | پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (انھيءَ) چوڻ سببان ته اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نه!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نه آڻيندا. |
|
649 | 4 | 156 | وبكفرهم وقولهم على مريم بهتانا عظيما |
| | | ۽ سندن ڪفر سببان ۽ مريم تي سندن وڏي بُھتان چوڻ سببان. |
|
650 | 4 | 157 | وقولهم إنا قتلنا المسيح عيسى ابن مريم رسول الله وما قتلوه وما صلبوه ولكن شبه لهم وإن الذين اختلفوا فيه لفي شك منه ما لهم به من علم إلا اتباع الظن وما قتلوه يقينا |
| | | ۽ سندن ھن چوڻ سببان ته الله جي پيغمبر مَسِيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪ نه کيس ڪُٺائون ۽ نڪي کيس سوريءَ تي چاڙھيائون پر انھن کي شُبه ۾ وڌو ويو، ۽ بيشڪ جن ان بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نه آھي، ۽ پڪ سان نه ڪُٺو اٿن. |
|
651 | 4 | 158 | بل رفعه الله إليه وكان الله عزيزا حكيما |
| | | بلڪ الله کيس پاڻ ڏانھن مٿي کڻي ورتو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي. |
|
652 | 4 | 159 | وإن من أهل الكتاب إلا ليؤمنن به قبل موته ويوم القيامة يكون عليهم شهيدا |
| | | ۽ ڪتاب وارن مان ڪوئي نه رھندو پر سندس موت کان اڳ (سڀئي) مٿس ضرور ايمان آڻيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن (عيسى) مٿن شاھد ھوندو. |
|
653 | 4 | 160 | فبظلم من الذين هادوا حرمنا عليهم طيبات أحلت لهم وبصدهم عن سبيل الله كثيرا |
| | | پوءِ يھودين جي ظلم سببان (گھڻيون) سٺيون شيون جي انھن لاءِ حلال ڪيل ھيون سي مٿن حرام ڪيوسون ۽ (پڻ) گھڻن ماڻھن کي الله جي واٽ کان سندن جھلڻ سببان. |
|