نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
636 | 4 | 143 | مذبذبين بين ذلك لا إلى هؤلاء ولا إلى هؤلاء ومن يضلل الله فلن تجد له سبيلا |
| | | نه ھِن ٽولي ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽولي ڏانھن آھن انھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نه لھندين. |
|
637 | 4 | 144 | يا أيها الذين آمنوا لا تتخذوا الكافرين أولياء من دون المؤمنين أتريدون أن تجعلوا لله عليكم سلطانا مبينا |
| | | اي ايمان وارؤ اوھين ڪافرن کي مؤمنن کانسواءِ دوست ڪري نه وٺو، پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟ |
|
638 | 4 | 145 | إن المنافقين في الدرك الأسفل من النار ولن تجد لهم نصيرا |
| | | بيشڪ مُنافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نه لھندين. |
|
639 | 4 | 146 | إلا الذين تابوا وأصلحوا واعتصموا بالله وأخلصوا دينهم لله فأولئك مع المؤمنين وسوف يؤت الله المؤمنين أجرا عظيما |
| | | پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حُڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو. |
|
640 | 4 | 147 | ما يفعل الله بعذابكم إن شكرتم وآمنتم وكان الله شاكرا عليما |
| | | جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوھانکي ڇالاءِ عذاب ڪندو؟ ۽ الله ته قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
641 | 4 | 148 | لا يحب الله الجهر بالسوء من القول إلا من ظلم وكان الله سميعا عليما |
| | | الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ (۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
642 | 4 | 149 | إن تبدوا خيرا أو تخفوه أو تعفوا عن سوء فإن الله كان عفوا قديرا |
| | | جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري طرح ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا مدائي کان ٽارو ڪندا آھيو ته بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي. |
|
643 | 4 | 150 | إن الذين يكفرون بالله ورسله ويريدون أن يفرقوا بين الله ورسله ويقولون نؤمن ببعض ونكفر ببعض ويريدون أن يتخذوا بين ذلك سبيلا |
| | | بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن. |
|
644 | 4 | 151 | أولئك هم الكافرون حقا وأعتدنا للكافرين عذابا مهينا |
| | | اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون. |
|
645 | 4 | 152 | والذين آمنوا بالله ورسله ولم يفرقوا بين أحد منهم أولئك سوف يؤتيهم أجورهم وكان الله غفورا رحيما |
| | | ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|