نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
623 | 4 | 130 | وإن يتفرقا يغن الله كلا من سعته وكان الله واسعا حكيما |
| | | ۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي. |
|
624 | 4 | 131 | ولله ما في السماوات وما في الأرض ولقد وصينا الذين أوتوا الكتاب من قبلكم وإياكم أن اتقوا الله وإن تكفروا فإن لله ما في السماوات وما في الأرض وكان الله غنيا حميدا |
| | | جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خلاصو اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواہ ساراھيل آھي. |
|
625 | 4 | 132 | ولله ما في السماوات وما في الأرض وكفى بالله وكيلا |
| | | ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي. |
|
626 | 4 | 133 | إن يشأ يذهبكم أيها الناس ويأت بآخرين وكان الله على ذلك قديرا |
| | | اي ماڻھؤ جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي. |
|
627 | 4 | 134 | من كان يريد ثواب الدنيا فعند الله ثواب الدنيا والآخرة وكان الله سميعا بصيرا |
| | | جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. |
|
628 | 4 | 135 | يا أيها الذين آمنوا كونوا قوامين بالقسط شهداء لله ولو على أنفسكم أو الوالدين والأقربين إن يكن غنيا أو فقيرا فالله أولى بهما فلا تتبعوا الهوى أن تعدلوا وإن تلووا أو تعرضوا فإن الله كان بما تعملون خبيرا |
| | | اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ ھجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
629 | 4 | 136 | يا أيها الذين آمنوا آمنوا بالله ورسوله والكتاب الذي نزل على رسوله والكتاب الذي أنزل من قبل ومن يكفر بالله وملائكته وكتبه ورسله واليوم الآخر فقد ضل ضلالا بعيدا |
| | | اي مسلمانؤ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃيو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏيءَ ڀل ۾ ڀلو. |
|
630 | 4 | 137 | إن الذين آمنوا ثم كفروا ثم آمنوا ثم كفروا ثم ازدادوا كفرا لم يكن الله ليغفر لهم ولا ليهديهم سبيلا |
| | | جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو. |
|
631 | 4 | 138 | بشر المنافقين بأن لهم عذابا أليما |
| | | (اي پيغمبر) انھن منافقن کي (ھيءَ) سڌ ڏي ته انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
632 | 4 | 139 | الذين يتخذون الكافرين أولياء من دون المؤمنين أيبتغون عندهم العزة فإن العزة لله جميعا |
| | | جيڪي مؤمنن ڌاران ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ گھرندا آھن ڇا؟ ڇوته ھيڪاندو مانُ الله جوئي آھي. |
|